ڪُنڍِيُونۡ جي سنڌي معنيٰ
چوڙيدار سڱن واريون سنڌي نسل جون مينھُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sindhi breed of buffaloes with ring shaped horns.
ڪُنڍِيُونۡ جا بيتن ۾ حوالا
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، اَڌوتِي آھي،
ڪُنڍِيُونۡ جَو ڪاھي، پاسي تَنھِين پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 1 ]
ڪُنڍِيُونۡ جَو ڪاھي، پاسي تَنھِين پاڪَ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 1 ]
اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ،
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]
لاکو نَہ لاھي، مَٿان ھَني ھَٿَڙا،
گهُنيرِيا گهيرُ ڪَري، اُڀو ئِي آھي،
ڪُنڍِيُونۡ سي ڪاھي، خاصِيُون جٖي کَنگهارَ جُون.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 11 ]
گهُنيرِيا گهيرُ ڪَري، اُڀو ئِي آھي،
ڪُنڍِيُونۡ سي ڪاھي، خاصِيُون جٖي کَنگهارَ جُون.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 11 ]
English Meaning
Sindhi breed of buffaloes with ring shaped horns.