گَهٽَ جي سنڌي معنيٰ
دل، من، قلب، ھردو، ھيانءٌ، اندر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The heart, mind. A passage, path.
گَهٽَ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 10 ]

رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ،
جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ،
لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 13 ]

صُبوحَ تائِين سُورَ، ڪيرَ سَھَندِي سَرَتِيُون،
گهُٽِيان رَھَنِ نَہ گَهٽَ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ،
آئُون مُيائِي مَنظُورَ، ھِينئَر ھَلَندِي ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 6 ]

سَرَتِيُون سُوريتِيَنِ جي، ڪوھُ ٿِيو پَٿَرِ پُونِ،
گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ،
چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ مُنھِنجي پِرِينءَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 31 ]

ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جٖي، وَتَنِ ۾ وَھلُورَ،
ٻَھَرِ ٻولِيءَ ٻِيءَ ڦِرَنِ، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ،
چِتَ جَنِي جا چُورَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 1 ]

ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو،
تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو،
لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو،
لَا مَقْصُوْدُ فِيْ الْدَاْرَينِ اِلَاھُوَ ، گَهٽَ ۾ گهاٽُ گهَڙِئو،
جَنِ کي مَنَ ۾ مُحِبُ مِڙِئو، سي گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 4 ]

عَينَئُون عارِفَنِ جِي، آھي ڳالِهہ عَجِيبَ،
پاڻِيهِي گهائِينِ گَهٽَ کي، پاڻيھِي تَنَ طَبِيبَ،
وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ،
اَلإِيمَانُ بَيْنَ الْخَوْفِ وَالرَّجَاءِ ، ھَلَنِ اِتِ حَبِيبَ،
ٿِئا قادِرَ سين قَرِيبَ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 18 ]

سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي نَہ گَهٽَ،
جُھ مَھِراڻَ مَوجَ ڪِي، تَہ ڇاڳُرَ سَھي نَہ سَٽَ.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 20 ]

ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ،
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ،
کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ،
ساڻيھَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 4 ]