گُرُ جي سنڌي معنيٰ
گُرو، مرُشد، وڏو، اُستاد، راهبر، ڌُڙو، مَھندار، اڳواڻ ،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Guru, teacher, leader, guide
گُرُ جا بيتن ۾ حوالا
ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ،
ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ،
خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،
سي ٻَھَرِ نَہ ھَڻَنِ ٻاڻُ، جَنِ گَڏِئو گُرُ گِروانَ ۾.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 8 ]

اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ،
لَٿو تَنِ لَطِيفُ چئَي، جُسي جو زَنجِيرُ،
ڪِينَ ڏِٺو ڪاپَڙيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،
ڏوري ڏِٺائُون ڏُکَ سين، پاڻَ مَنجهيئِي پيرُ،
سَچُ جَنِ جو سِيرُ، گُرُ ويٺي تَنِ گَڏِئو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 11 ]

جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ،
دُورِ ڪِئائُون دُئارڪا، مارِي ھَلِئا ميسَ،
ڏوري ڏيوَرَ ديسَ، گُرُ لَڌائُون گِرنارَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 18 ]