گُرَ جي سنڌي معنيٰ
گُرو، مرُشد، وڏو، اُستاد، راهبر، ڌُڙو، مَھندار، اڳواڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Guru, teacher, leader, guide
گُرَ جا بيتن ۾ حوالا
ٻارَھين ڏِينھِن ٻَئِي، مَنَ مُرادُون پُنِيُون،
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِئا سَڀَيئِي،
سَمانا سيئِي، جٖي گُرَ گَڏِجِي آيا.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 12 ]
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِئا سَڀَيئِي،
سَمانا سيئِي، جٖي گُرَ گَڏِجِي آيا.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 12 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ،
مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ،
ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي، صَبُرُ جِي سَھاءِ،
تَہ سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 5 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ،
ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ،
ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ چَمِڙو، جُتِي تو نَہ جُڳاءِ،
سامِيڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِيي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 6 ]

تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا،
ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي،
اِشارَتُون اُنِ جُون، وانءُ کَپِي تُون کائِي،
نِنڊَ تَنھِن کي ناھِ ٿِي، جا آدِيسيَنِ اُٺائِي،
رِيجهائِي رَمُوزَ سين، کاھوڙِيَنِ آئُون کانِئي،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، ٻُجَهنِ تان نَہ ٻِئائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، اُنِهين لَيءِ آئِي،
آھي اِنَهِيءَ ڳالِهہ جِي، راوَلَ اِيءَ رُباعِي،
اَکِيُنِ آرَسُ ڇڏِئو، دِلِ ۾ ناھِ دَغائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 8 ]

گُرَ جَا ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون گهَڻو سُونھاءِ،
نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 27 ]

گُرَ جَا ڏِني گودَڙِي، مَٿي مُون مَرَڪُ،
چيلا ھَڻِي چَرَخُ، اوڍي ويھُ اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 28 ]

گُرَ جَا ڏِنِيمِ گودَڙِي، ٿِئي لاھِيندي لَڄَ،
سَندا تَنھِن سَھَجَ، چيلي چُوندو ڪيتِرا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 29 ]

اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ،
سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ اُنِ،
قُلۡ هُوَ ٱللَّهُ أَحَدٌ ، ٿا مَنجهان پِرتِ پَڙَهنِ،
سَعادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 1 ]

بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن،
نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ،
چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ ڪونَہ ٻَڌَن،
تَرَڪ الْدُنِیاْ وَاْجِب ، اِيءَ عادَتَ عارِفَنِ،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 2 ]

تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ،
ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ،
تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ وارِينِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، اِتي اِخِتيارِينِ،
پَرِ چَڱِي پارِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 3 ]