ڳُڻُ جي سنڌي معنيٰ
گُڻَ احسان، ٿورو، مهرباني، ڀلائي، لائق، ڀال، وڙ، گُڻُ، لڇڻ، عادت. خوءِ، خصلت، خوبي. هنر، فن، لياقت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Merit, quality, property, habit, excellency
ڳُڻُ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]
اَڃا ٿِي جِيَين، سَڄَڻُ سارِئو نَہ مَرين،
وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين،
لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 1 ]
وَٽِيُون وِھَ گاڏِئُون، ڇورِي ڇو نَہ پِيَين،
لَڳُئِيء ڪو نَہ ھِنيَين، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 1 ]
ھَنجَنِ سين ھيڪارَ، جي ڳُڻُ ڪَري نِھارِيين،
ٻَگهَنِ سين ٻِھارَ، ٻيلَ نَہ ٻَڌين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 5 ]
ٻَگهَنِ سين ٻِھارَ، ٻيلَ نَہ ٻَڌين ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 5 ]
سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو،
ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ،
سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 20 ]
ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ،
سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 20 ]
جيڪِي ڏِنائُون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿِئو،
مُون کي پُڇِئائُون، ٺوڪي اِنَهِيءَ ٺوڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 8 ]
مُون کي پُڇِئائُون، ٺوڪي اِنَهِيءَ ٺوڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 8 ]
English Meaning
Merit, quality, property, habit, excellency