ھَر ھَر جي سنڌي معنيٰ
وقت بوقت، مسلسل، جلد جلد، سگهو سگهو، وري وري، ذري ذري، لڳاتار، متواتر، هرمھل، ٿوري ٿوري دير بعد، گهڙي گهڙي، هرسمي، هرگهڙي، هرپلڪ، هر لحظي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Again and again, repeatedly, often, now and again.
ھَر ھَر جا بيتن ۾ حوالا
ھَر ھَر ڪَنِ ھَرنامُ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي ڌوتِيا،
جَنِ نَہ ريجهايو رامُ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 13 ]
جَنِ نَہ ريجهايو رامُ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 13 ]
ھَر ھَر اُميسَ، ڌُوَنِ ڏِھاڙِي ڌوتِيا،
جَنِ نَہ مارِي ميسَ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 14 ]
جَنِ نَہ مارِي ميسَ، ناٿُ نَہ نَمي تَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 14 ]
ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
اِھا عادَتَ سِکِئو، ھَر زَمان حَبِيبُ،
تِڇي سو طَبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 21 ]
ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ،
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]
جَنبوُ نَہ جُهونجارَ، سِينھَن وڏيئِي سَتَ سين،
ڪيھَرِ ڪِلي وارَ، ھَر دَمُ ھَڻي ھَٿَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 12 ]
ڪيھَرِ ڪِلي وارَ، ھَر دَمُ ھَڻي ھَٿَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 12 ]
English Meaning
Again and again, repeatedly, often, now and again.