اَچو بابت
معنيٰ
پھچو، آئو، رَسو، پُڄو، حاضر ٿئو.
Come, come forth, be present here.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ، اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- اُڀو ڪَري سَڏَ، ميھارُ مَلاحَنِ جي، اَدا اِنَهِيءَ پارَ جا، مُوڙي اَچو مَڏَ، وِئا جٖي وَھَ گَڏَ، سي ھَلو تَہ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ، اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]