جيڏِيُنِ بابت
معنيٰ
سنگتياڻين، ادين، سرتين، ھم عمرين، ننڍي ھوندي کان گڏ سکين، سَکين، ڀينرن.
Friends, pals, childhood friends. (Only used in female to female friends in Sindhi language.)
بيتن ۽ وائين ۾
- ماڙِيءَ مِينھَن نَہ پُونِ، ساوا گاھَ نَہ سُومَرا، ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، مَرُ هيڪاندِيُون هُوَن، جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ٿَرِ ٿاڌيلُون پُونِ، ماڪُون مِينھَن مَلِيرَ تي، ماڙيچِيُون مَحلَنِ ۾، مُورِ نَہ مَٿو ڌُوَنِ، جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]
- مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾، جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]