راجا بابت
معنيٰ
راج يا راڄ ڪندڙ، بادشاھُ، حاڪم، راءُ، سلطان.
A king, prince.
بيتن ۽ وائين ۾
- آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، چَڙِهي ۾ چَوڏولَ، توکي گهوٽَ گُهرايو، راجا مَنجِهہ رَتولَ، ٻِيجَلَ تو سين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ، راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ، آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ، گهورِيا لَکَ لَطِيفُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي، راجا رَتولَنِ ۾، وَرَنائِي وائِي، ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارَٽُ ٻاجهائِي، راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ، راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ، رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ، اَنَا اَحْمَدٌ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي، رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ، جِتِ اَچَنِ نَہ اُڙِدا بيگيُون، اُتِ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- راجا کي ٽِينءَ راتِ ۾، ٻُڌايو ٻِيجَلَ، سَھِسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻِئا پُڻ داتا دَلَ، آيُسِ مَنِ اُڇَلَ، تيلاھِين تو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ، ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ، صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي جَنگيلِيءَ چِيھَ، اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ، جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ، مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ، ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ، سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ، چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ، نارِيُون…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- راجا راتِ رَمِ ڳيَو، جُهونا ڳَڙُه جهوري، ڏِنو سِرُ ڏِياچَ، ڪُلَهنِ تان ڪوري، وَٺُ مَٿو تُون مَڱڻا تَندُنِ سان توري،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيما ھَنيا کَنگهارَ، ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳي تَندُ تَنوارَ، ڍَٽِ پَٽِ پيئِي پَچارَ، تَہ راجا…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ، تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ، تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، مُرادِي مَنجِهنِ، ٻيٽِيُون راجا نَندَ جُون، چاکيَ پَرِ چَلَنِ، راڻو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آيو.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ، سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ، راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ، چوڏِسِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو، ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو، ھِرِکي ويئِيين ھارَ…[ سُر ليلا - وايون ]
- قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ، پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ڪَمُ ڪالوڙا ڪُوڻِيُون، پَهتِ جَنِ جِي پَرِ، لايو لُنگَ لَطِيفُ چئَي، جُنبنِ جَهجهي جَرِ، گهوٽُ اُنِين جي گهَرِ، راجا رِيجِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ، اُنِين جي اوطاَقَ، راجا رِيجِهي آيو.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ويٺِي ڪَري وَرَنَ، مي مَڇيءَ ۾ ھَٿَڙا، راجا اَڳي رَکِي ھُئِي، مُھاڻِي ۾ مَنَ، تَماچِيءَ جي تَنَ، ڳالِهيُون چَيَسِ ڳُجِهيُون.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]