زالَ بابت
معنيٰ
استري، جوءِ، مَھرِي، نارِ، ناري، زائفان. گهرواري، عورت، زوجہ، بيگم، ٻائي، بيبي.
Wife, woman, female.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ، توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ، جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو، آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي، پُڇان واٽَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو، ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين، اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- مُون تان لِڪائِي گهَڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ، رَسِئو ريزالَنِ کي، زَردِيءَ مَنجهان ظَنُ، ويرِي مُون وَرَنُ، ڳالِهہ ڪِئائِين ڳُجَهہ جِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]