سالِمُ بابت
معنيٰ
سليم، صاف دل، شريف. سڻو پرو. صلح سلامتي وارو. تازو، توانو، تندرست، چڱو ڀلو، نرويو.
Complete, clean, fresh, new, good.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ، وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ، ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- جَي ھُو تاڻِينِ تَندُ کي، تَہ تُون تَندُ مَ تاڻِ، اَڳي اِنَ اُھڃاڻِ سالِمُ تَندُ سَڄِي ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ، اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ، سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، سائِلُ ھَڻي سازُ، رَبابِيءَ کي رازُ، ڪو خالِقَ ڏيجِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَھان، ڪوسِي سَھان ڪانَہ، اَمُنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، دُورِ ڪَري ٻِئا دانَ، پانڊَپَ کائِي پانُ، وِجِهجِ پِڪَ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- سامِي چَئجي تَنھِن کي، جو ڪُھي سَڳوۡ ڀاءُ، طَلاقَ ڏيئِي جوءِ کي، سُمهين وَٽِ ماءُ، اِنَ پَرِ اُٿِي آءُ، تَہ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]