لَڄَ بابت
معنيٰ
شرم، حياءُ، ڦڪائي، مَرم، ڀَرم، لِيھَ، شرمندگي. پردو، ڍڪ، سچائي، سَتُ، آبرو، حُرمت، ننگ، عزت، ناموس.
Modesty. Shame, shyness. Cover, dignity, honor.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي، پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري، اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي، جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ ھَٿَ وِجَهنِ، پَسو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ، جيڪِي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، نَہ تَہ ساڻُنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڀَڳو آئُون نَہ چَوان، مارِيو تَہ وِسَھان، ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان، تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڀائِي حالَ ھَلِي وِئا، ڪَنھِن کي سُورَ سَلانُ، کَڻِئو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ لُڇان، پانڌِي ڪِيرِ پَڇان، وِھان تان…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي، توتي لَڄَ لَطِيفُ چئَي، آھي سَندِي عامَ، مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنھِيان…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڦازا ڏيرَ ڦَگهين وِئا، ھُئا جوراڻا جَتَ، ايڌا نِڌَوَ ايگَوان، پَلاڻِئا پَربَتَ، ماڻُهو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگانَ.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- لَڄَ بَلوچِي نِشتَگان، ھُنِ ٻولِي ٻُڌائِي، سُڻِي مانَ سَگهِي ٿِيان، ٻاروچِي وائِي، جَڏھِن نَزدِيڪ نِنڊَ آئِي، ڦازا ڏيرَ ڦَنگهين وِئا.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جي، اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي، ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪيچِ مَ خَبَرَ ھوءِ، ھِنَ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي، مَٿان پُنهونءَ پوءِ، لَڄَ پَنھِنجيءَ لوءِ ۾.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- گُرَ جَا ڏِنِيمِ گودَڙِي، ٿِئي لاھِيندي لَڄَ، سَندا تَنھِن سَھَجَ، چيلي چُوندو ڪيتِرا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- بُکَ اُنِھِين جِي بِکِئا، ڌُوڙِ اُنِهين جو ڌُوپُ، ڪِئائُون سوئِي رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِيي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائِيءَ وارِ، جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ، ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- وارِيءَ جِيئَن ويئِي، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾، جِيئَن اَٽَو پَئي پاڻِيءَ ۾، پَگهرِ جِي پيئِي، مَٿي ھَٿُ ڏيئِي، ڪانڌَ نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- لاکي لَڄَ کَنئِي، اَسان اوڏَڻينُ جِي، ڪَندو ڪانَہ ٻِي، اَڳَ وِسُوڙِي آھِيان.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلِي آھِيان، پَکا سي پَرتاءِ، جٖي اَجهي تُنھِنجي اَڏِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ڪِيرَتِ ھَڏِھِين گهورِ، ڪَرِ ڪِيرَتِ جي ڪا نَہ ڪا، جَنھِن سين ريجهي راڄِئو، سا تُون تَندُ چورِ، ڪارَڻِ ڏاڻَ مَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جِيئَن تُون ڏَڏُ ٿِئو، تِيئَن لَنگِهي ٿِي لَڄَ مَري، سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جاجِڪَ جيڏا پَسُ ، وِئا سَوار سازَ کَڻِي، تو سَرَتا تو سَم گِئا، پاٺَ پَرَھِئا پَسُ، تو گِهرَندِيءَ مَسُ، لَڄَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاءُ، سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ، اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- پَٽولا پَنوَھارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ، جُھ لاکَ رَچَنِ لوئِيُون، تَہ سالُنِيُون سُونھَنِ، اُنَ ايلاچَنِئا اَڳرِي، بَخمَلَ بافِتَنِ، سَکَرَ ڀانيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ڪَرايُنِ ڪِروڙَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ، سي مَرَڪُ مارُوئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ڪِي اَسان ڪِ مارُئين، ڪِي اَباڻَنِ چَئِجاهُ، هَرَ هَرَ هَلائُون ٿو ڪِري، عُمَرُ اَسان تان، پائرَ جي پِيرَنِ کي، اَئِين…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ، پاندُ جَنِي جي پاندَ سين، لَڳو ڪَري لَڄَ، سَمُو جامَ سَهڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪالوڻِئو ڪَنگَنِ، اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]