مارُوئَڙا بابت
معنيٰ
مال چاريندڙَ، مالدار. جهنگ جا رهاڪو، مسڪين، غريب، نادارَ.
herdsmen, poor fellows, people living along with live stock..
بيتن ۽ وائين ۾
- سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو، وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- وِئَڙا ڳُڻَنِ سان، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِري، تَنِ پُڄاڻا آنءُ، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا، تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين، سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ، تَنِي ري حَمِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ، مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- اَجورا اُٿِيَنِ جي، مَٿي جَهڻِ جهاپي، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، ڦِرَنِ سين فاقي، اُنِين ريءَ آئُون ڪي، منھِن مِٺايُون لايان.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ، مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ساري حاجَ هِئان، کَنيائُون کائُرِ ڏي، ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا، لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، ڇَڏي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، مُون سين ڪَري مَٽِ، مارُوئَڙا مَلِيرَ جِي، ڇَڏي وِئَڙا وَٽِ، ڪينِهي ڪي مُون وَٽِ، ڪَنھِن سان…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، هَي گامويَنِ گَسَ، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، وَڏِي هُئا وَسَ، سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، لُڙِڪَ وَهَيان لَسَ،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي مارُوئَڙا اَلا، تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان، ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،…[ سُر مارئي - وايون ]