موٽاءِ بابت
معنيٰ
موٽ ڏي، واپس ڪر، ادا ڪر، وراءِ.
To cause to return, give back, return, restore, reject.
بيتن ۽ وائين ۾
- جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو مَڱَڻَھارُ مَ موٽاءِ، جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ، جو گهُران…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جَو تَعلَقُ رَکي تَندُ سين، سو ڪِي پَلَئِي پاءِ، مُون کي مَ موٽاءِ، آئُون آڳاھُون آيو.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون موٽاءِ، مُون واجِهيندي وِھاءِ، سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ، گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون…[ سُر راڻو - وايون ]