مَذڪُورَ بابت
معنيٰ
ذڪر ڪيل، ذڪر ٿيل، موصوف. جنھن بنسبت ڳالهہ ڪجي.
Remembered, recorded, related, mentioned, said, expressed, fore-mentioned, aforesaid, afore-named.
بيتن ۽ وائين ۾
- موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِيين، پَرِٽِ پھرِين پُورَ، نيئِي پَھچائِي پِرِينءَ کي.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- سوڍا تُنھِنجي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون، راڻا رِھاڻِنِ جا، مارِينِھُون مَذڪُورَ، طَعنا ڏِينھُون تُورَ، آءُ تَہ پِرِين پَرچُون پاڻَ ۾.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- جِيمَئُون جوڳِيَڙَنِ جِي، جانِ نِھارِيَمِ جُوءِ، عَقُلُ اُتِ اوڄُون ٿِئو، ھُو ھَلِئا مَٿي ھُوءِ، مُون کي اِنَ مَذڪُورَ جِي، بانسَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نَہ سُومَرِيَنِ، سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ، سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]