مُنھَن بابت
معنيٰ
مُک، چھرو، شڪل، صورت، روءِ، مُھڙ، واتُ، ٽنگ، ڳڙکُ، آمهون سامهون.
Face, visage, countenance, mouth, opening, orfice, front
بيتن ۽ وائين ۾
- لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ، تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ، سُورِي ڀانءِ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ، پاھان پَڳَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ، اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو. سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين، ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ، مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ناھِ پيشانِي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو، جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ، اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾، ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ، ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ، مُنھَن ڪاري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ، سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ، ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ، ماري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مَنجِهي جِتِ مَرَنِ، مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ، اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڀَڳو آئُون نَہ چَوان، مارِيو تَہ وِسَھان، ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان، تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڀَڄِي آئين ڀَڄِڻا، لَڄايَئِي مُون سيڻَ، ويٺِيون وِجَهنِ ويڻَ، مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڀَڄِي آئين ڀَڄِڻا، تو لَڄايا يارَ، ويٺَيُون ڪَنِ ڪُوارَ، مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مُنھَن مَٿاھان جَنِ جا، سي پِٽِيو ڪَڍَن پَارَ، جيڏِيُون ھِنَ جُهونجهارَ، اُجاري اَڇا ڪِئا.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا، چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ، سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، پاڙان پِريَتڻُون، کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ پِيَ پَري، مُون ڏِٺي مُون وِسَھو، وِرچِي تان نَہ وري، ڌاران مُنھَن مَري، ڏُکِيءَ جَي…[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ھِڪُ پاھَڻُ، ٻِيُون پَٽِيُون، ٽِئا جَبَلَ اُتِ جاڏا، اَڳِئان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تاڏا، جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ، تازا پيرَ پِريان جا، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏُونگَرِ ڏِينھَن تَتا، سُونھَن سُونھارا مُنھَن موچارا، آن…[ سُر ديسي - وايون ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ، سِڄُ سامُهُون مُنھَن ۾، ڪَھَ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا، ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، ٿو سائِلُ سِڪائي، مُنھَن تي موٽائي، مَٿو ھَنيُسِ مَڱڻي.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- صُورَتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين، مَولا ڏِنَنِ مُنھَن ۾، نُورِي نيڻَ نِھالَ، سَندي خُوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَتِوالو ڪِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهرانِ، مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ، وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ ڪارِيُون، مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون، کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جالَ، سوڍا مُون کي ڪالَهہ، وٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جٖي، سوڍا مُون کي سي، موٽِي مُنھَن ۾ آيون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جِتِ، سيئِي مُون کي تِتِ، موٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- اَدِيُون آتَڻَ وارِيُونِ، نِرجا نَڪَ ٿِئا، وِڍِئا تان نَہ وِئا، پاڻان مورِئا مُنھَن ۾.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جَنِي سَندي مُنھَن ۾، نِھايُون نَڪَنِ، تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا شَرَمُ جَنِ، موٽِي آيو مُنھَن ۾، سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِئو عَيبَ اَڳِيان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِيَسِ تي، ڍولا جٖي ڍَڪيَئي، سي مَڇُڻ عَيبَ اَپَٽِيين.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِياسِ، سوڍا اِنَ سُھاڳَ کي، ويٺي واجهاڻِياسِ، ڍولا تو ڍَڪِياسِ، ڏيئِي پاندُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، اَڱَڻِ جي اَچَنِ، مُنھَن ۾ مَدِيُون تَنِ کي، ڏِسَڻَ سان نَہ ڏِجَنِ، اَوَڳُڻَ عَيبَ مُٺايُون، ڍَڪَڻُ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- پيرين پُراڻا کيٿِڙا، سُڪا مُنھَن سَنڊَن، سا جُوءِ ڏوري آيا، سُونھان جِتِ مُنجهَنِ، ڳُجهان ڳُجِهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ، ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ، ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- پُٺا ڄَرَ ڄَرَ ڄَراٽِئا، مُنھَن کانيَنِ سِيءَ، مُوھِنَ مَڱَنِ بِکِئا، نَہ ڪا لَڄَ نَہ لِيھَ، بابُو بيکارِي ٿِئا، نَڪو پُٽُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ ۾ مالا، سامِي سيئِي، جَنِ کي مُنھَن ۾ مُنڊا، پيٺا سي مَڙِهيءَ ۾، الاللهَ، سِيتِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جوڳِي وِئا جامير، مَڙِيَنِئُون مُنھَن پايان، ٻِئا پوڄِيندِينءَ ڪيرِ، ڌُوڌاڻِي ڌُوپُ ڌَري.[ سُر پورب - جوڳي ]
- ڏُٻَرِيُون ڏُھاڳَڻِيُون، ميرا مُنھَن سَندانِ، ويھِي وَرَ سيڻانِ، ڪانڌَ نَہ اورِئو ڪَڏِھِين،[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي اَٺِين پَتِي جي اَڳُ چَيَئِي، تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ، جِھَڙا کَنيَئِي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ھِي جي ڏُوڻَ ڏُجاڻِيُون، سي اللهَ ڪِيمَ اَچَنِ، مُنھَن تي مِٺِيُون چِٺِيُون، پَرَپُٺَ پَچارُو ڪَنِ، تَنِ ڪاپائِتِيَنِ، جيڏِيُون مُون سين…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- مُون نِماڻِيءَ کي، يا اَلا، ڍولِيو مَ ڍيلي، ڍولِيو ڍيلَڻَ سَندِيُون، وايُون وَرُ ڪَري، مَڇُڻ عَيبَ اُپَٽِيين، ڍولِيا جي ڍَڪِيَئي،…[ سُر ليلا - وايون ]
- مُسَنِ مُنھَن سَنِرا، کَرِئا گهَڻو کِلَنِ، سي تان وِسِرِئَنِ، آئِيا جَنِ ڪَمَنِ لَيءِ.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي، ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي، صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- صُورَتَ سوجِهہ مَ تَنھِنجِي، تُون پِيَ پُڇين جو، سُخُنُ آھي سو، مُنھَن مُقابِل نَہ ٿِيي.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جِھَڙا مُنھَن مُھاڙَ، تِھَڙا پُٺِيرا سُپِرِين، نَظَرُ ڪَري نِھارِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُھان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ديکِ مَ تُون سين تَنِ، جٖي مَجازِياڻِيُون مُنھَن ۾، ڪِينَ سُڃاتو سُپِرِين، نِھاري نيڻَنِ، پِرِين سي پَسَنِ، ٻيئِي جَنِي ٻُوٽِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ ھَرَ ھَچارا، پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا، مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ نَہ اِيمانُ، دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ، مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين، مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ، سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون…[ سُر آسا - وايون ]
- گهورِيندي گهورِ پِئا، اَگهورُ گهورِئائُون، مَيگَرُ مارِئائُون، مَلاحَنِ مُنھَن سَنِرا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، نَہ کِلي نَہ کاءِ، عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ، ھِيءَ جَا ڪِيَئِي ھاءِ، مَھِندان…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ٿيِندِيَس ڪِيئَن قَبُولُ، ڪونِهي سُھَڳَ سُولُ، پُوچي مُنھَن پَنوَھارَ ري.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ، ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ، اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِيئَن واڌايُون آيُون، لَٿِي لَووَرياڙِيين، مِڙَنِي مُنھَن ڪاڻِ، صُلِحُ وارِئو سُومَري، چَيو پَنوَهارَنِ پاڻِ، حَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- جٖي هِتِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، وَطَنَ ريءَ ويھِي، مارُو ڏِيندَمِ مُنھَن ۾، ڏاڏاڻا ڏيھِي، پَکَنِ مَنجِهہ پيھِي، شَلَ مَحَلنِ جِي مَرُ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- تو دَرِ آيَسِ سامَ، ڄامَ سَما سامَ تُنھِنجي، نَہ سَمِي نَہ سُومَري، آھِيان گَندَرِي غُلامَ، آھي مُنھِنجي مُنھَن ۾، مَڇِيءَ…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]