واحِدَ بابت
معنيٰ
ھڪڙي، ڇڙي، اڪيلي، ھڪ الله (الله سائينءَ جو عربيءَ ۾ نالو)
Lone, alone, single, Allah, The God
بيتن ۽ وائين ۾
- دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو. ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو، وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ، حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيُون، آيَلِ سارِئو اُنِ کي اوڇِنگارُون اَچَنِ، کاري کيڙائُنِ، واحِدَ واري آڻِيين.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگَمَ ڪِئا اللهَ، وَڏائِي واحِدَ ڪِئا، مَٿي گَسَنِ گاھَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهلِئا پاھَ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ وارا، اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا، واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ ڌَرَمَ، واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ، سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو، مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ، اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ، پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين، چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين، ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين، وينَتِيُون…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، گهَرين نَہ گهارِينِ، واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ ھارِينِ، گُوندَرُ گُذارِينِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ، وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ، توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- پِھرِينءَ راتِ پَسِي، مُنھِنجو ماڙِيءَ مَنُ ڦِڪو ڪِئو، مُوهَڙِ مارُوئَڙَنِ کي، واحِدَ ڏيجِ وَسِي، اَهَرَ جَنھِن اَسِين، سو مِلَندو شالَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا، وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ، مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا، مارُوءَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]