ويجهو بابت
معنيٰ
اوڏڙو، قريب، ڀِڪ سان، نزديڪ، ويجهڙو.
Near, nearby, close, adjacent, beside.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِيئُون ويجهو گهَڻو، دارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ، ايھي حالِ حَبِيبُ، ساھان اوڏو سُپِرِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو، خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ، ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ھِتان کَڻِي ھُتِ، جَنِ رَکِئو سي رَسِيُون، ساجَنُ سُونھَن سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهَڻو.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين، وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ، ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي،…[ سُر معذوري - وايون ]
- بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ، وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ويجهو وَڃُ مَ واٽَ کي، ڪَھِجِ ڏونھُن ڪُواٽَ، اُجهِي مَنجهان آٽَ، اَويسِي ٿِي آءُ تُون.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو، ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو، اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪافِرُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين، بابَ شَرَعَ جا ڇَڏِ، مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- جَي هُوندَ هِتي هُئِي مارُئِي، تَہ لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ، اَرادا سِئُمِ عُمَرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽانسِ، جَي نَہ ڇَڏِيائِين ڪِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- لَنئُن لَطِيفِي لاتِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي، واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ، ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ، لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ. آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]