وِساري بابت
معنيٰ
ڀُلائي، دل تان لاھي، چُڪائي، غلط جاءِ تي رکي، ڇڏي، ياد نہ ڪر، رکي ويھي (سارڻ جو ضد)
To forget, omit. To mislay.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ، تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا، اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ، جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ويھُ سي وِساري چَڍا جي چِلُڙَ جا، ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان، مُون کي وِساري، شالَ نَہ وَڃَنِ اوھَرِي،[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري، ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- پھرِين تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي، ٻولُ مَ وِساريجِ، ھُو جو ڪِيَئِي ھوتَ سين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ويھُ مَ وِساري پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي، نِرمَلُ نِھاري، ھَلَندِنِ تان نَہ ھَٿِ ڪِئو.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي، پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ، سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو، وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي، لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- پيئِي ٿِيي پِيمالُ، سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي، ڀورِي ھِنَ ڀَنڀورَ سين، ھَڏِ نَہ ڳَرَھي حالُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، جيڏِيُون ڪَري جوڙُ، سَرِئو سُورُ سَرِيرَ ۾، گُهمِيو لاھي گهورُ، لُنءَ لُنءَ ۾ لَطِيفُ چئَي، لَڳو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- جَڏا ميڙِ جَلِيلَ، جٖي حَبِ نَہ ھَلَڻُ سِکِئا، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ، وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- يادِ ڪَري جَنِ کي، آئُون وِساري ويٺِي، مُون سين ڪِئائُون ڏيٺِي، اَکِيين ڏيئِي ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون نِڪِري، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي، گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين، مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي، راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين…[ سُر راڻو - وايون ]
- وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ، قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ، پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ، راتو ڏِينھَن…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ذالَئُون ذِڪِرُ رَبَ جو، ويلَ نَہ وِسارينِ، سَناسِي سُبحانَ کي، سَدائِين سارِينِ، تَسبِيحَ جي تَرارِ سين، مُلحِدَ کي مارِينِ، جَزَآؤُهُمْ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ، آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ، چُئان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- نَنڍِيان نَفَعو ناھِ ڪو، وَڏِي وِساري، مَجوسِي ماري، اَصغَرَ ڏي اَچيجِ تُون.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وَڳَرُ وِساري، ويٺِيئَن ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ڪِ تو نَہ ماري، رُڻِ جُهڻِ سَندِي سَڄَڻين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- وَڳَ مَ وِساريجِ، ھاڻُو ٿو ھُلي، مَٿي ڀُڄَ ڀُلي، لاکو لوڙائُنِ سين.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]
- ڄارِيُون ناڙِيُون نيسَ، آئُون ڪِيئَن ويڙِه وِساريان، ڍُرڪَنِ ٿِيُون ڍاٽيلِيُون، ڪارا جَنِي ڪيسَ، عُمَرَ ماري ميسَ، وِهان ڪِيئَن وَطَنَ جِي.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَيُمِ تِيئَن چَئيجِ، سَندا سَنگَتِ ڏِينھَڙا، وَرَ مَ وِساريجِ، ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آھِيان، سِگِهي سارَ لَھيجِ، مُٺِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]