پَٻَ بابت
معنيٰ
هالار جبلن جي ڏاکڻي قطار جو نالو. پير جو مُھڙ وارو حصو.
Name of southern series of Halar mountains of Sindh. Toe.
بيتن ۽ وائين ۾
- آءُ اوراھُون سُپِرِين، اللهَ لَڳِ آرِي، ڀُڻان بيڪارِي، تُون پارِسَ رَسِجِ پَٻَ ۾.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون، اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ، ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- کُھِي جَا کَنيائِين، تَنھِين وِکَ ويجهِي ڪِي، ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙيوئِي پَٻَ جو.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، ماڻِيائِين مَزا، پَريٽِ کي پَٻَ ۾، ڪارِئو پَنڌُ قَضا، وَسِ نَہ ويچارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضا، مَٿان…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي، پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ، چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ھَلِبو وو ھَلِبو، پُنهونءَ ڪارَڻَ پَٻَ ۾، ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو، پِريان سَندي پارَ جو، سُورُ تان نَہ…[ سُر معذوري - وايون ]
- پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جاڏا جَبَلَ جِتِ، لُڇي مُنڌَ لَطِيفُ چئَي، تاڪُو پَسِئو تِتِ، ھوتَ پَھچِجِ ھِتِ، آءُ تَہ اوَجَهڙِ…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جَبَلَ جِتِ جاڏا، توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا، اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ، وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ. پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ، رَندَ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪِيچِيَنِ لَئي ڪَڙھِيو، پَهاڙَنِ تي پَٻَ جي، وَڃان چوٽِيَنِ سينءَ چَڙِهيو، ڪَري ساجَنَ سوگهو، سَندُمِ جيءُ جَڙِيو،…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ، ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جٖي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ، تِٿُ تَنِ کي ناھِ ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ، حُبَ جَنھِين کي ھوتَ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا، پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ، سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- جٖي ھاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مارِي آھِيان، ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ، ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين، جي ٻاروچي ٻاجَهہ گهَڻِي، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ سين، ويندِيَسِ واڳَ وَڻِي، مَرُجان پوئِيمِ مُنھَن ۾،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوھُ، تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ تو ڏُکان، پَھَڻُ ٿِيان پَٻَ جو، وَڃَنِ مُون مَٿان، ڪيچِي قَطارُون ڪِئو.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا، ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا، گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي، مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، وَسان ٿِي وِياسِ، پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ، توڻي ماءَ مُياسِ، تَہ پُڻ ڪاڍو…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مَرُ مَٿا ڏيئِي، پُنهون ڪارَڻِ پَٻَ ۾، تَہ سَرَتِيُون سَڀَيئِي، واکاڻِينَئِي ويٺِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيُون، سي ڪِيئَن ٻيلِياڻِيُون، جَنِ وِيندو ھوتَ نَہ وارِئو.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- سَرَتِيُنِ سَھِجَ مَنجهان، ٿِي ڪوڏِ وَراھِيا ڪَپِڙا، تَڏِھِين مُنھِنجِيءَ ماءَ، ٿي پَھَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڪوھِيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٻَ جا، سي ڏيھَ ڏيکاري، جٖي اَڳَ نَہ ڏِٺا ڪَڏِھِين.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- کُھِي نَہ کوڙي، پاسو پَٻَ وَرَنِ ۾، ڇورِي نَہ ڇوڙي، سَندو سُورَنِ سَندِرو،[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- مُون کي لَڪَ مَ لوڏو ڏي، آئُون جا پَٻَ پَھوڙِي آھِيان، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، نِينھَن نِھوڙِي ني، مُون جيھِيءَ مَعذُورِ…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- وِئا وِھائُو، ڏوٿِي ڏورا ڏُٿَ جا، پَٻَ جا پُڇائُو، مُئا کاھوڙِي ماٺِ ٿِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏُونگَرِ ڏِيِئَٽِيُون، صُبُوحِ ٻَرِيُون سُڃَ ۾، وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون، جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ، ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ، اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو…[ سُر ڏھر - وايون ]
- پَنِ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، مَٿي جَرَ جَهرڪَنِ، اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ، سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ، نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ، رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]