ڀَرِ بابت
معنيٰ
پاسي، طرف. مٿي، مٿان. تائين.
On, upon, with such a part downwards. Against, supported from.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ، واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ، ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ، ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ، قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ، ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- وَکَرُ وِھايُئِي لُوڻُ، ٿو رُنگَ کَٿُورِيءَ گُهرين، ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ، جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ماڻڪَنِ ڀَرِيا مَٽَ، ڪَٽِجِي ڪارا ٿِئا، تان نَہ اُپَٽِئا ھَٽَ، جان غِراقُ نَہ گَڏِجي.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وِساڻُو سو واءُ، جَنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ ناکُئا، پيئِي ڪَرَ ڪُنَنِ ۾، اُجهاڻُو اوڙاھُ، اَچو اِنَ تَڙان، تَہ سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِئو.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ ميھارَ جا، لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، دَھِلِجِ ڪِيمَ دِلِا، مَتان ڪا گِلا، ساھَڙُ سَمُنَ جِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ، گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ، ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھُڳاءُ، لَٽي وييُون لَهرِيُون، مَوجُون مُون مَٿا، ساھَڙَ ڄامَ سَواءِ، ڪونِهي تُرَھو تارِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ساھَڙُ سَڏَ ڪَري، پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان، نَہ گهِڙان موٽِي وَڃان، تان ڪِي ساھَ سَري، مَرُ جان پَتِ پَري، گِهڙان…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- واھُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو پُڻ ليکو ڏِيَڻو، سَدا ساوَڻَ ڏِينھَڙا، ھِيئَن نَہ ھُونداءِ، وِھاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاھان لَھِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جي، چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ، مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي، مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، چَڙَنِ چورِئا چاڪَ، تَنِي جِيءَ اوطاقَ، وَڃَڻُ واجِبُ مُون پِئو.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ھُنَ ڀَرِ نَہ ھِنَ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾، نيڇُ نِھاري نَہ گِهڙي، تَنھِن ۾ پييَسِ تُنَ، اللهَ ساڻُ اَمُنَ، آرا…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ، ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- پَرِينءَ ڀَرِ ڀِيرِين، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو وِجهي آرَ ۾، وَڏا وَڻَ ويڙِھِين، ميھارُ مُون ميڙيِن، لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڀَرِيُون ڀَرِ دَرياھَ، پَسُ جٖي پارِ پَوَندِيُون، ٻَڌُ تَوَڪَلَ جو تُرَھو، آھَرَ ساڻُ اللهَ، جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري، روزُ ڏِھاڙِي راتِ کي، مَٿي پارَ پَنڌوسِ، عِشقَ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نَڪو…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجهاڳَ، مَنجِهہ ڀَرِئائيِن ماڳَ، پَلٽِئو پارِيُون ڪَرِيين.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڏِٺي ٿِئَڙَم ڏِينھَن، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين، نيڻَ ڀَرِجِي نِينھَن، پَلٽِئا پارِيُون ڪَري.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو، ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو، ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان، کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ، سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي سارَنگَ سِٽَ، اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ، بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو، ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو، کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو، خالِقَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ، سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- گَنگُو جِئان گوڙِ ٿِي، ڪَھِيو ڪاھُوجِيءَ ڏانھَن، وَسِئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، چُرِي ڀَريائَيِن چاھَ، ڏيئِي پَٽَنِ پاھَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڇَنَ ڇَڏي پَئُہ ٻَنَ، نَئِين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو، ڪانڌَ سَويري نَہ ڪِيَئِي، پَکِي جِي پَرَنَ، مُون جُهڙُ ڏِٺي اُڀَ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي، حُسينَ ڪُون، نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي، جِنان دي گهوڙي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ، اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو، جيڪِي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرِ اَٿَئِي ڏَسُ، پُنهون ڄامَ پَسُ، سِرَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪُنَرَ ڪَڪا ڪَپِڙا، مُنڌَ لُڇي ڀَرِ لَڪَنِ، يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪوھُ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي، سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو، جَنِي چِتُ چَرِيو،…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي، ڀَرِيُمِ جَو پاڻِي، سو ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- وِندُرِ وَرَ ڏِنامِ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪيتِرا، ٻاروچا ٻاجَهہ ڀَرِيا، گوشي ھُوندَ گَڏِيامِ، چيتاري چَيامِ عَرضَ پَنھِنجا اُنِ کي.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي، پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ، سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون کُھِي کَڻِجِ وِکَ، تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ قُدامَ، وِچِ وَسِيلو ناھِ ڪو، اوري آرِيءَ ڄامَ، ھِنيَين لاھي ھامَ، پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، پِريَتَڻِي پَچارَ، توکي سَنَدَ سَسُئِي، سَندِي لَنئُن لَغارَ، جَي ھُونِئِي ھوتَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ، ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ، وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڪَنھِن جَنھِن ڏُکان ڏي، پارانڀا کي پانڌِيين، سُورِ ڀَرِيائِين سي، ڳالِهہ ڪِئائِين جَنِ سين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري، ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي سَچِي، سُپَڪُ ٿِي سَيِّدُ چئَي، پَھَڻَنِ مَنجِهہ پَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪِئو، اولاڪَنِ اَچي، مَٿي…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- جَفا وارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفا ريءَ نَہ ٿِئي، سُتينِ ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، ڏُونگَرَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان، لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان، ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان، جانِبُ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين، پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين، سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين، ھارِي ڪِيئَن…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون، چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون، موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي، لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي، ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي، جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- آئُون ھَڏِ نِماڻِي، جَا ٻانِهيُنِ کي ٻائِي چَوان، نِيو مُون کي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي، پورِھِيَتِ ٿِي پاڻِي، ٻِيَنِ کان…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، مُون کي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ، ھوتُ پُنهون ٿا نِينِ،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- لالَڻَ لوغَ وِئا، ھَلَڪَ رَوان ڙِي جيڏِيُون. پيرَ پَستا پَھِڻين، ڪَڏِھِين ڪِينَ پِئا، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اوزان اوزَ ٿِيان،…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو نِينھَن جو، ڌاڙي ڪارَڻ ڌارِئا، بُغدِي بَلوچَنِ، مُئِي ماري ھَلِئا، ٻاجَهہ نَہ ٻاروچَنِ، اوٺِيَنِ اُٺَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي آھِيان، ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ، ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، مُون وَٽِ وَٿاڻانِ، ڀَرِيُون ڪِئو ڀُڻانِ، وِئا وِھائُو نِڪِري.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ھَئَي ٿو وَڃي ھوتُ، آئُون ڪِي اَڳَڀَرِي ٿِيان، مَتان چوءِ بَلوچُ، ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِئو.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِ ڪوھِيارا وِرمِئا، جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي، اَڄُ آرِياڻِي آءُ، چُڪِيءَ تو سين چاھُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙِھي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- جي گهُران سي نانھِ، اَڻَ گهُرِيا لوءِ گَهڻا، مَنھُن ڀَرِيو ماڻُهين، مُون مَنُ مُوافِقُ ناھِ، تَنِ ڪِبو ڪانهَنِ، جَنِ گَڏِيي…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ، مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، مُنھِنجو ساھُ وَھِيو سيڻانِ آيَلِ آيَلِ! مادَرِ پايو مُنڊِيُون، ڪُوڪِيان وَرُ ڪيڻانِ، سو ڪِيئَن ھِينئَڙو جَهلِئان،…[ سُر حسيني - وايون ]
- ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي، آيُسِ تُنھِنجي دَرِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ، ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پينارَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَھ ڀَرِ ڳايائِين، اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين، تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڌَڙَ تي دُونھَن جِيئَن، سِرَ ڀَرِ سُپَيرِيَن ڏي، لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن، تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن،…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڀَرِ ڀَنجُهوءِ ويھِي، ڪِھَڙِي ڪَندين ڳالِهڙِي، ڍَڪي ھَلَندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڪَنڌِ ڪَلَرُ ڏيئِي، ڄاڃِي ماڃِي موٽِئا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئِي، خَبَرَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري، اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن، ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- راڻا تُنھِنجِي راھَ ٿِي، ڏِھاڙِي ڏيکان، جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، مَحَبتَ جُون ميخان، رَيَ ڀَرِيُون ريکان، تو سين لالَ لپيٽِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ، سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ، ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ، مَنجِهہ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ ۾ تَبَرُون، ھَڻِي حَڪِيمنِ کي، زورَ ڀَرِئو زَبَرُون، ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون ڪَرِ، ڀَرِي ڪاڪِ قُربَ سين، تُنھِنجي اَچَڻَ ساڻُ اَپَرِ، لِلہِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ ڪِي ڍولِي، ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي، ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ، ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ، سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ، جا…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- آئُون جيھائِي ذاتِ تُون وو پاڻُ سُڃاڻِجِ مِيان سُپِرِين، ٻانِهي ڪوٺِينِ ٻاجَهہ سين، تان ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ، اويُون آرِياڻِيءَ جُون،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ، اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا، پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا، جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ لانگوٽِيءَ لِکَ، جيڏانھَن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي وَرِھَ ٿِئا، تَنُ ڪُماڻُو تَنِ لاءِ، جِيئَن سا ڦُلَنِ مالَهہ، اَڱَڻِ اِيندَمِ شالَ، آسَرَ ڀَرِي…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ، ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي، آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- سُورَنِئُون صافُ ٿِئو، تَنُ پَسِي تو کي، وَتِين تُون ويرِکِڙا، ڇانڀُنِ ڀَرِ ڇوکي، ڏِيلَُ ڇڏِئو تو ڏوکي، سَنِيھو سُڻائي سَڄَڻين.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ، چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ، ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏھِن ڀَرِيوئِي ڍورُ وَھي، جَسودَنَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَھِيَڙو؟[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- ڀَرِئو ڍورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ دَرازِئا، نَہ سي پاڻِيءَ وارِيُون، نَہ سو ھُلُ ھُڳاءُ، اَدِيُون آڳَڙِيا، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- مَدِيني جا شيرَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، اُڀَرِئو تارو، پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڍِنگهَرُ ڍِلو مَ ٿِئي، اَڏِئو جو اوڏَنِ، جَنھِن ڀَرِ ويھِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو، جَنھِن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ، جَنھِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو، سُڻائي سُتَنِ کي، وِھاڻِيءَ وِئو، ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئوئِي ھيڪِڙو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پَسي ڀَرِ پِئو، ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، چارَڻُ چاڙِھي چَوڏولَ ۾، نِماڻُو نِھو، رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِّدُ چئَي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ، رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ، تِئان ميڙي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُڀَرِئامِ اَنگُورَ، سُتي سُپَيرِيَن جا، کايو کايو سُورَ، لُڇِئو اُٿِيان.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي، آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ، اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- نَہ ڪا بُوءِ بازارَ ۾، نَہ ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ، جِتي ڏَنڀَرِيُنِ جِي، اَڳي ھُئِي اَکُٽَ، سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- اُوندا گُوندا ٽِندِيا، نيھِيرا نِيٽا، چارِين ٿِيُون چُوڙيرِيُون، ڀَرِ گهَرَنِ گهيٽا، کَرسَنِ جا کيٽا، عُمَرَ لاھِ عَڪسَ جا.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي، مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي، وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهجها ڏيجِ جُھارَ، مُنھِنجا مَلِيرَ ڄائِيين. آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ، ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، وَرِئا واھُوندا، سارِئَمِ سيڻَ سَيِّدُ چئَي، گاڏيلِيُون ۽ گُوندا، ڀَرِ ڀِٽُنِ ھُوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- آمان ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُورِئان وِتَرا، ڪُٽِيان پَٽيان پيٽَ کي، ماکِيان مِٺِي مَڪَ، ڪوڪَڙُ ڪَوڍيرَنِ ۾، ڦوڪِيو ڀَرِيان ڦَڪَ، وَرُ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ، سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ، عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا، اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا، پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي ڀَرِ رَهَنِ، مارُو مَنجِهہ ٿَرَنِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- اُٺَنِ مِينھَن گَهڻا، ٿِئَنِ موڪَ مَلِيرَ ۾، اَکِيُون آبَ ڀَرِئو، اُنِهين کُوڻِ کَڻان، مارُوئَنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏهين.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- عُمَرَ اوٺِي آيو، ڪاڪارَنِئا ڪالَهہ، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، جَرَ ٿَرَ ڀَرِيا جالَ، هَي مُنھِنجي حالَ، جِيئَن مُندُون سارِئو نَہ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين، پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ، مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين، جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي، پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ…[ سُر مارئي - وايون ]
- ھُيُون ڪوڙيِين ڪِينجُهرَ ڀَرِ، نُورِيءَ سين نِياءُ ٿِئو، گَندَرِي پَنھِنجِيءَ غَرِيبِيءَ سين، ٿِي سَڀَنؤُن سَرِ، سا مَرَڪي مِيرِبَحَرِ، جَنھِن جي…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- جِيئَن قَطَرُ چُڻِئو ڪُڙِه ڀَرِيين، ٻولِ ڀَڃَندي ھَنجَ، موتِي جٖي مَھِراڻَ جا، پُورا چُڻِجِ پَنجَ، اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهہ، ڍَٻِيءَ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]