چوڌارَ بابت
معنيٰ
چَوطرف، چَئنِي پاسي، چوگرد، چوڦير. جاڏي ڪاڏي، ھر طرف.
Everywhere, every direction, at all
بيتن ۽ وائين ۾
- چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون، ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]