چَندَنُ بابت
معنيٰ
ھڪ وڻ، جنھن جي ڪاٺي خوشبودار ٿيندي آھي، ان ڪري مقدس جڳھن تي ڌوپ لوبان بدران چندن جي ڪاٺي ٻارين تہ سڳنڌ ٿئي. صندل سِرکنڊ.
Sandal wood, sanders Santalum Album.
بيتن ۽ وائين ۾
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ، آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ، مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ، مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ، توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ، اِيَھِين…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ، چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَھارَ، چانگا چَندَنُ چارِيَيِئن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چانگا چَندَنُ نَہ چَرين، مَياپِيين نَہ موڪَ، اگَرَ اوڏو نَہ وَھين، ٿُڪِئو ڇَڏِيين ٿوڪَ، لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪِھَڙي اَکَرِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون چورِ، تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙِيي ٿِي، ساڻُ سِرکَنڊَ سورِ، اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَہ سوڍا…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ، اُپَڙِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]