Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي وايون جي وائِي
شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان،
نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ،
اُپَڙِي نِتُ نِھارِيان، واٽُون ويراڳِينِ،
اُتَرُ اَجهو جَنِ جو، بُکَ بِکِيا تَنِ،
لوڪَ سُتي ڇَڏِئا، آسَڻَ آديسِيَنِ،
اَگَرُ چَندَنُ اُڀِري، مَنجهان دُودَ دُونھِيَنِ،
پَسِي آئُون پُرِ ٿِي، تَنِ صُورَتَ سَناسِيَنِ.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
شال اهي مون کي ويجها هجن (جو کين ڏسي سگهان). مان هنن کان سواءِ هڪ گهڙي بہ گذاري نٿي سگهان. مان هر هر پنھنجن پٻن تي بيھي هنن ويراڳين جون واٽون پيئي نھاريان، جن جي لاءِ اتر جي سير وارو ٿڌو واءُ اولو ۽ پناھ آهي ۽ بُک جن جي بکيا (مرتبو ۽ شان) آهي. (هو سوال ڪري بک ٿا گهرن) هنن کي بدن تي هيٺ (اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ) وڏي گوڏ يا ڊگهي لانگوٽي نہ آهي ۽ نڪي چيلهہ سان ڪجهہ ٻڌل اٿن. انهن آديسين، جڏهن لوڪ اڃان ننڊ ۾ هو تہ پنھنجا آسڻ ڇڏي پنڌ پيا. هنن جي دکايل دونھين مان اگر ۽ چندن جي خوشبوءِ مٿي پيئي نڪري. آءٌ اهڙن سناسين جي (سهڻي) صورت ڏسي مخمور ٿي ويئي آهيان.
[مثنوي روميءَ ۾ درويشن جي بک جي باري ۾ گهڻو ڪجهہ چيو ويو آهي. اهڙن ئي درويشن جي باري ۾ رومي چوي ٿو:
پّرو مالا مال از نور حق ست،
جام تن بشکست و نور مطلق ست.
(دفتر سوم، ب- 3410)
معنيٰ: اهو درويش خدا جي نور سان ٽمٽار آهي. هن جو جسم فاني ٿي چڪو آهي تنھن ڪري هو پاڻ نور ئي نور ٿي پيو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود پُوراب، بيت نمبر : 2812
شَالَ اُوْڎَرَا آَهِيْنِ ٻَرِيْ جٖيْڎِيٌ﮶
پَلَكُ پِرْيَان رٖيْ نَرَهَان﮶
نَڪٍ هٖيْٽِ نَہ بٖيْٽِ ڪٍ کِڌَا تَا نَہ کَنَنِ﮶
اُپَرِيْ نِتُ نِهَارِيَان تَنِ وَاٽٌ وٖيْرَاکِيَنِ﮶
اُتَرُ اَجُوْ جَنِجُوْ بُکَہ بِکِيَا تَنِ﮶
لُوْڪَ سُتٖيْ ئِيْ ڇَڎِئَا آَسَنَ آَدٖيْسِيَنِ﮶
اَکَرُ چَندَّنُ اُڀِرٖيْ مَنجَا دُوْہَ دَ دَانْھِيَنِ﮶
پَسِيْ آَءٌ پُرْ ٿِيْ تَنِ صُوْرَةَ سَنَاسِيَنِ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
शाल ओड॒ड़ा आहिनि। ब॒ड़ी जेडि॒यूं। पलकु पिर्यां रे न रहां।
नकी हेठि न बेठि की। खिदा तां न खणनि।
उपड़ी नितु निहारियां। वाटूं वैरागी॒नि।
उतरु अझो जनि जो। बुख बिखिया तनि।
लोक सुते छडि॒आ। आसण आदेसियनि।
अगरु चंदनु उभिरे। मन्झां दूद दूंहियनि।
पसी आऊं पुरि थी। तनि सूरत सनासियनि।
ROMAN SINDHI
shaal'a aoddrraa aahin, Barri, jeddiyoo'n, palak'u piryaa'n ray na rahaa'n,
naki hethh'ay na bethh'ay ki, khhidaa taa'n na khhannan'ay,
uparri nit'u nihaariyaa'n, waatoo'n weraaggeen'ay,
utar'u ajho jan jo, bukhh'a bikhhiyaa tan'ay,
lok'a sutay chhaddi'aa, aasann'a aadesiyan'ay,
agar'u chandan'u ubhiri, manjhaa'n dood'a doonhiyan'ay,
pasi aaun pur'ay thi, tan'ay soorat'a sanaasiyan'ay.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا…
- (وائِي) آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون…
- (وائِي) تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي…
- (وائِي) تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو…
- (وائِي) جوڳِي جَڳَ گَهڻا، مُون وَھُ…
- (وائِي) جوڳِي سيئِي، جَنِ کي مَنَ…
- (وائِي) دِلِئان دُورِ نَہ ڪِيجي، پِياري…
- (وائِي) راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون…
- (وائِي) سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون…
- (وائِي) ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو…
- (وائِي) مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا…
- (وائِي) نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ…
- (وائِي) نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان…
- (وائِي) ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ…
- (وائِي) پانڌِي ڪا پِرِيَنِ جِي، ڪَرِ…
- (وائِي) چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ…
- (وائِي) ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا…
- (وائِي) ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون…
- (وائِي) ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي،…
- (وائِي) ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا…
