ڌَرِ بابت
معنيٰ
رک، سِک.
Put, put at (in), learn.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ، مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ، جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ، عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ، جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪيرُ چُوندو ڪو نَہ چُوندو، تَہ ڪو آھِين اَسانجو، پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو، جانِي ھِنَ جَھانَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي سِيءَ گُذارِيان، مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ھِھَڙِي تان نَہ ھُياسِ، عِشقَ اُٿِيارِيَس اوچتِي، پَڌَرِ پوءِ پيياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ ٻَجهائي ساڻُ وِئو، تَنھِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجامُ، ڇالَ ڇَپَرَ جو ڄامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جيڪَرَ جيڏِيُون اَلو، ڪَرَھَ سَندانِ چاريان، پيرين آئُون نَہ پُڄِڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جَهلِينِ، ڳُجِهي آئُون نَہ وَڃِڻِي، پَڌَرِ پِريِن…[ سُر ديسي - وايون ]
- جٖي ڏُونگَرَ مُون مَنجِهہ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري، وِھَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪيرَ سانڍيندِي سُکَ، ھُيَمِ ھوتَنِ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، پُنهون سِرُ سَڀَنِ، چانگي تي چَڙِھِي ڪَري، ڪَندو وَڙُ وِلِهِيُنِ، مَٿي مَعذُورِنِ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ھاڙِھي ھوتَ مُياسِ، دوستَ مُياسِ، لَڳِي يارَ لڪن ۾، عَشقَ اُٿارِيَسِ جِيڏِيُون، پَڌَرِ ٿي پياسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃايو، ھِهَڙِي تان…[ سُر حسيني - وايون ]
- سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي، کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري، سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- سوڍي سُتي لوءِ، جَا مُون سين ڳالِهہ ڪِي، سا جي پَڌَرِ پوءِ، تَہ سَرَتِي ڪا نَہ سُمَهي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِيئَن وِڏوھِيين وَلَها، پيئِي کيھَ کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلَنگَ پُراڻا، جايُون گُلَ زَباتَ وَڻَ، تو ريءَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾، ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ، ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ، ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَرَڪُ طَمَعُ کي ڪَرِ، وَڍي وَھمَ وُجُودَ جا، خاصي ڌِيانِ ڌَرِ، ڪَنھِن پَرِ پهچين پَرِ، لِکِجين…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- چوري چَنجُورَنِ سين، کوٽي کَنيائُون کُوھَ، لاکي سَندِي ڳالِهڙِي، رَکِيائُون مَنجِهہ رُوحَ، پَڌَرِ ناھِ پاٻوھَ، اَندَرِ اورَڻُ پِرِينءَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي مُون پِرِيَنِ جي، اَچِي دوسِتَ ڌَرِ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي، سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اَلتِيَمِ جا ھِنيان، سا نَہ سَلتِيَمِ ساھَ کي، سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، لِڪايَمِ لوڪان، ويئِي جَي وَسان، پَڌَرِ پيئِي پِرِينءَ ري.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- عُمَرَ تو ماڙِيُون ھِي، ڪِينَ نِبَھَندِيُون مُورِ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڏيھان ڪَڍِي ڏُورِ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، اِهائِي…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]
- توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھارِينِ، قُل يا قَد سَمِع جاثِيه، هِنيون دُخانِ پاسِ ڌَرِينِ، تَبارَڪ تَبَتِ اِذا جا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- لَنئُن لَطِيفِي لاتِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي، واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ، ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]