ڪوجها بابت
معنيٰ
بي ڊؤلا، بدشڪلا، بدصورت، گول مول. خراب، گدلا، ميرا. ڪمترين، گهٽ.
Ugly, unbeautiful.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَھَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ، ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ، ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جِھَڙا ڪَڻِڄِ ڪَکَڙا، تِھَڙا جائِنِ ڦُلَ، تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، جَنِ جي گودَڙِيُنِ ۾ گُلَ، اَندَرِ مُلَ اَمُلَهہ، ٻَھَرِ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ڪوجها پَسُ ڪَرِيمَ، جي آھِينِ تُنھِنجي آسِري، پائي پَنھِنجي پاٽِ ۾، سِگهو ڏي سَلِيمَ، ھَٿان تو حَلِيمَ، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو، کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]