ڪوڏَ بابت
معنيٰ
پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ساھ وارو پٿر، جنھن کي ڳھ ڪري پايو بہ وڃي. وڏي ڪوڏي. خوشي، راحت، سرهائي.
A kind of shell used as ornaments to hang round necks.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ، سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ، لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڪوڏَرِ نَہ ڪاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽاڪِئان، جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي، پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَنڀورَ جا، جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ، ھِنيَين مُنھِنجي…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو، لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي، ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وَھِئا ڀيڻِيُون، ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اَڏي وِئا اوڏَ، حُجِرو لاکي ڄامَ جو، پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- چوٽاڻِي چوٽَ وَھي، سُڪا سانگَ ڀَري، ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي، اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اِيءَ پَرِ نَہ گهاتُوئَڙَنِ جِي، اَئِين جا لُڏو لوڏَ، ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- مَحَلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنھِن مَلُورَ، اَڻَڀو سَڻَڀو نَہ ڪَري، سُونھَن وِڃايَسِ سُورَ، پِئَسِ لوھَ لَطِيفُ چئَي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا، وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ، ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]