ڪوھِيارا بابت
معنيٰ
ڪوه وارا، جبل جا رَهاڪو، جابلُو، ڪوهِيارَ.
Mountaineers, persons who live in mountains.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جالارا، ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگَرين، لَيءِ آرِي اُلارا، ڪَھَ ۾ ڪوھِيارا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِيان.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا، سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا، جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو، ساٿِ لَڏيِندي سَڏُ، مانَ ڪوھِيارا ڪَرِينِ مُون.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ، ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڏِٺَمِ ڏونگَرِيا، ھُيَسِ گهورِي جَنِ جِي، مُون لوڏان ئِي لَکِئا، اِھَڙا ٻاروچا، جيڪُسِ ڪوھِيارا، مُون ڪَرَ لاھُو آيا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارا، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جي وِرُونهَڻَ وارا، سي وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- سُتِيءَ سي نَہ سِياءَ، جٖي ڪوھِيارا ڪيچَ جا، اَنگهُنِ چَڙِهئو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينھَن جو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِ ڪوھِيارا وِرمِئا، جَنِي سَندِيءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مُون نَہ پَروڙِئو ماءُ تان ڪا ھيڏِي ھوتَ ڪَندا، ٻاروچا ڪوھِيارا، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُڙاَ، ڪَھِي ڪيچِ وِئا، سُڌِ نَہ اُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]