ڪَمِيڻِيءَ بابت
معنيٰ
نيچ. گهٽ رتبي واري، ڪم ظرف، سِفلي، رَذِيل، ذَلِيل، بي مان، بي عزتي، واھياتُ.
Abusive, foul-tongued, obscene, mean.
بيتن ۽ وائين ۾
- سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ اَچُ، ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو ھَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ، ساڻِي جَنِ سَچُ، ٻُجهان سي…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي سَسُئِي، اِنهين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪَمِيڻِيءَ کَٽِئو.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ، سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ، ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، وِئا روڏا رِنگائي، رَھِيَسِ رَسُ لَطِيفُ چئَي، تَنھِن ڪَمِيڻِيءَ ڪاھي، ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- جَتَنِ جا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون، پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرِينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَنِ سين جَوابُ، ڪِھَڙو ڪَندِيَسِ جيڏِيُون، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَري ڏيرَ ڪَبابُ، آرِياڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- اَسِين ذاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا، ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ، آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- آئُون تانۡ اِھَڙِيائِي، جَا ٻانِهيءَ کي ٻائِي چَوان، مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي، مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي، ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي، ڳالِهيُون…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو ٻاروچا، سانگُ سَسُئِيءَ جو ڪِجا وو ٻاروچا، ڏُکيءَ جا ڏيرا وو پانڌِيا، ڪَمِيڻِيءَ جا ڪيچَ…[ سُر ديسي - وايون ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا، دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- تانۡ ڪا ڪِجا وَرِ، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، بَندِي بي سَمَرِ، ڪو ڪوھِيارا ڪَرِ، دِلاسو دِلگِيرِ کي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ھَئَي ٿو وَڃي ھوتُ، آئُون ڪِي اَڳَڀَرِي ٿِيان، مَتان چوءِ بَلوچُ، ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِئو.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ، عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري، مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري، اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ، ڪوھُ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنِ تَوِھِين ڏي تاڻَ، لاھي غيرَ گُمانَ، اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڊِيين.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رائو رِڃُ رَھُون، جِتي نِينھان نِڪَڻِي، لَڳئو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِئو ٿِين ڇَھُون، تان ڪا سارَ لَھُون، ھوتَ ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڍولا اولا نَہ سَھان، آڏا اڏِيَئِي جي، ڪانڌَ ڪَمِيڻِيءَ کي، نيئِي وِھارِجِ وِچَ ۾.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- آڌِيءَ اُٿِيَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَنِ ۾، وارو ويسَلِيُنِ کي، ڏِينھان ڪو نَہ ڏي، مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان عُمَرَ، مُون مَ کَسيجاهُ، آئُون جَا نِماڻِي لَڪَنِ لوڏِي. ساڻُ پُلاهَ نَہ پاڙِيان، سَندي ڏورَنِ…[ سُر مارئي - وايون ]