ڪُنڍِيُونۡ بابت
معنيٰ
چوڙيدار سڱن واريون سنڌي نسل جون مينھُون.
Sindhi breed of buffaloes with ring shaped horns.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، اَڌوتِي آھي، ڪُنڍِيُونۡ جَو ڪاھي، پاسي تَنھِين پاڪَ ٿِئي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ، سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- لاکو نَہ لاھي، مَٿان ھَني ھَٿَڙا، گهُنيرِيا گهيرُ ڪَري، اُڀو ئِي آھي، ڪُنڍِيُونۡ سي ڪاھي، خاصِيُون جٖي کَنگهارَ جُون.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]