گَهٽَ بابت
معنيٰ
دل، من، قلب، ھردو، ھيانءٌ، اندر
The heart, mind. A passage, path.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا، ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ، جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ، لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو، لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو، مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- جَنِي گهَرِ گَهٽَ مَٽَ، سَرلي سُونھَنِ سي، جٖي ھُيون وانڍِيُون وَرَنِ ري، تَنِ کي مِينھَنِ سَڄَڻَ ميڙِئا.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- صُبوحَ تائِين سُورَ، ڪيرَ سَھَندِي سَرَتِيُون، گهُٽِيان رَھَنِ نَہ گَهٽَ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ، آئُون مُيائِي مَنظُورَ، ھِينئَر ھَلَندِي ھوتَ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي مَٿي راھَ، وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ، گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَرَتِيُون سُوريتِيَنِ جي، ڪوھُ ٿِيو پَٿَرِ پُونِ، گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ، چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جٖي، وَتَنِ ۾ وَھلُورَ، ٻَھَرِ ٻولِيءَ ٻِيءَ ڦِرَنِ، گَهٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ، چِتَ جَنِي جا چُورَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو، تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو، لَا…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- عَينَئُون عارِفَنِ جِي، آھي ڳالِهہ عَجِيبَ، پاڻِيهِي گهائِينِ گَهٽَ کي، پاڻيھِي تَنَ طَبِيبَ، وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ، اَلإِيمَانُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سُپيرِيان جي ڳالِهڙِي، اَندَرِ رَھِي نَہ گَهٽَ، جُھ مَھِراڻَ مَوجَ ڪِي، تَہ ڇاڳُرَ سَھي نَہ سَٽَ.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جان جَرُ ھُئَڙو سِيرَ، آڏا مَنڊي ڪِيرَ، گَهٽَ پِہ جَهِليَئِي گهاتُئين.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ، گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ، تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ، کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ، پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ، ساڻيھَ…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيون، هَي پَکا هَي پَٽَ، ڪي ڏِينھَنِ هِتِ جيڏِيين، ٿي موڪَ وِلوڙَئا مَٽَ، سي هَنڌَ پَسي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]