ھَلي بابت
معنيٰ
چَلي، چُري، رڙهي، سِرڪي، ٽُري، سُري، اڳتي وڌي، وڃي، روانو ٿئي، اُسهي، روانگي ڪري، پَڌاري، سِري، ريڙهو کائي. لَڏي.
Move, go, proceed, shake, beat as the pulse, get on, last, pass current.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- چِيھو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئائِين گَڙنگَ تي گُلَ، ھَڏا ڪُٽِئان ھَليو، ڀَري تَرايُون تَلَ، آسدِي آبَ اُڇَلَ، مَٿي باغَ بَھارُ ڪَري.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا، جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪيچِ نَہ جُنبَڻَ جاءِ، تَہ ڪا ھَلَندِي ھوتَ ڏي، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- وَڏو طالِعُ تو، لَڳِينءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سَسُئِي اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو، ويٺِي ھِتِ مَ ھو، ھَلين تَہ…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي، پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ، سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙھي، لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ، رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- رائي رَھائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ سين، تَرِيُون تَنگَ وَرَنِ ۾، ڇُلِي ڇِنائين، اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، رَھَہ ۾ رُنائِين، سٻاجها سائِين،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ، لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو، ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ، جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي، پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ، مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڪِي ڌَرَتَتِي ماءُ ڪا ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين، ھَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنِهي ڄيرَنِ وِچَ ۾.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]