سونَ جي سنڌي معنيٰ
زَر، ڪنچن، ڪُندن، طِلا. نھايت قيمتي ڌاتُوءَ جو هڪ قسم، ڪَٽ نہ چڙهڻ وارو ڌاتُو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gold, a precious element
سونَ جا بيتن ۾ حوالا
اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪونَہ،
سَچِي جِھَڙِي سونَ، مُنھِن نَہ پيئيِ ماڻُهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 6 ]
سَچِي جِھَڙِي سونَ، مُنھِن نَہ پيئيِ ماڻُهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 6 ]
اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪو نَہ،
جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 7 ]
جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 7 ]
مَيا تو مَھارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي،
چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 12 ]
چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ،
سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 12 ]
سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ روپِي ڳَٽِ،
ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ،
اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان ڪَکَ چَري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 13 ]
ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ،
اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان ڪَکَ چَري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 13 ]
اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو،
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ،
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
تَہ تُون لَڏِجِ سونَ، جُھ صَرافَنِ لَڏِئو،
قَدُرُ لَھَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 14 ]
قَدُرُ لَھَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 14 ]
سينڌو ھُئَين صَرافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئَين ھِيئَن،
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏِينھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 21 ]
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذارِيَئيِ ڏِينھَن،
جَبَلَ مَنجهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيائُون سونَ کي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 21 ]
کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئا،
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
نَڪَ ناڪِيلِيُون سونَ جُون، موتِيُنِ مَھارُون،
لَنگهِيُون راتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَرَھَنِ قَطارُون،
ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، ڪَرِ تَہ رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 17 ]
لَنگهِيُون راتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَرَھَنِ قَطارُون،
ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، ڪَرِ تَہ رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 17 ]
English Meaning
Gold, a precious element