پُورَ جي سنڌي معنيٰ
خيالَ، ويچارَ، فڪر، ڳڻتيون، وهم، رِيچَڪ، جھورِيون، ساروڻيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thinking, idea, longing, obsession.
پُورَ جا بيتن ۾ حوالا
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

گهيڙان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙِ تَڪَڙِ کان نَہ لَھي
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَھمَنِ ڪِي وَھلُورَ،
جَنھِن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنھِن کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 2 ]

موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِيين،
پَرِٽِ پھرِين پُورَ، نيئِي پَھچائِي پِرِينءَ کي.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 22 ]

صُبوحَ تائِين سُورَ، ڪيرَ سَھَندِي سَرَتِيُون،
گهُٽِيان رَھَنِ نَہ گَهٽَ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ،
آئُون مُيائِي مَنظُورَ، ھِينئَر ھَلَندِي ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 6 ]

ٻَڙِي مادَرِ ماءُ، مُون ۾ بِرِھُ بَلوچَ جو،
مُون کي لَڳَڙو ڪانُ شِتابا،
ٻَرِيَمِ ٻاروچَنِ جا، ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيا،
ڏُکوُن بُکُون ڏاکِڙا، ڪارَڻِ جَنِ مُون ڪِئا،
سُورَ نَہ سانڍَڻُ سُٿِرا، جيھا جٖي تيھا،
پُنهون مُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِيءَ وَرُ وِئا،
پاتَمِ ھوتَ پُنهونءَ لاءِ، لَڪَنِ مَنجِهہ لِيا،
اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَچي پُورَ پِئا.
[ سُر ديسي، وايون، 13 ]

سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ سارِئُمِ سُورَ،
اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جا، پَل پَل پَوَنِ پُورَ،
جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گَهڻا گهارِئَمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 10 ]

سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ مارِيَسِ سُورَ،
آڌِيءَ راتِ اُڌَمِئو، ڏينِ پَلِٽا پُورَ،
جَتَنِ جي ضَرُورَ، مادَرِ مارِي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 11 ]

سِرجِي تانۡ سُورَ، ساماڻِي تانۡ سُکَ وِئا،
اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 2 ]

مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ ۾ اَنگُورَ،
ھَڻي حَڪِيمَنِ کي، پَٽِي مَنجهان پُورَ،
گهوٽَ پِھرِيين گهُورَ، گُجَرِ گَهڻا گهائِيا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 19 ]

ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي،
اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،
اُنِ کي سارِي راتِ سَيِّدُ چئَي، گُوندَرَ ساڻُ گَئِي،
ڪَرِئو سيڻَ سَھِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 5 ]