پُورَڀِ جي سنڌي معنيٰ
اوڀرِ، اڀرندي، مَشرِقِ. اُڀرندي واري ملڪ. اوڀر جي واءُ،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
East, eastern, relate to east. of east.
پُورَڀِ جا بيتن ۾ حوالا
واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ،
سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ،
ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،
ھَلُ کَنيائُون ھَٿُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 8 ]
سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ،
ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،
ھَلُ کَنيائُون ھَٿُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 8 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪُتا ڪِيمَ بَهاءِ،
مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ،
سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي پَڌِرِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 7 ]
مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ،
سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي پَڌِرِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 7 ]
مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ،
رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
قُربُ ڪاپَڙِيَنِ، نَنھَن چوٽِيءَ سين ڍَڪِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 3 ]
پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ،
رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
قُربُ ڪاپَڙِيَنِ، نَنھَن چوٽِيءَ سين ڍَڪِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 3 ]
ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، چَلَڻَ جُون ٿا چُوَنِ،
سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، وَڃِئو پُورَڀِ پُونِ،
جوڳِي ھِتِ نَہ ھُونِ، ڪِينَ ٽِڪَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 3 ]
سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، وَڃِئو پُورَڀِ پُونِ،
جوڳِي ھِتِ نَہ ھُونِ، ڪِينَ ٽِڪَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 3 ]
English Meaning
East, eastern, relate to east. of east.