ايرُ نَہ ڀيرُ جي سنڌي معنيٰ
(محاورو) نہ اچ نہ وڃ، نہ منھن نہ مھاڙ، واسطو نہ تعلق، ڄاڻ نہ سڃاڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
No relation nor friendship, no identity nor knwoing.
ايرُ نَہ ڀيرُ جا بيتن ۾ حوالا
جِتي ايرُ نَہ ڀيرُ، سا جُوءِ سُڃاتِي جوڳِيين،
اُتي ڏيئِي پيرُ، آسَڻَ آديسِيَنِ ڪِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 20 ]

نَڪو ايرُ نَہ ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آيو،
مُون وَٽِ آيو ڪو نَڪو، پَرِئان ڀَري پيرُ،
ڪِتابَتُون ڪيرُ، ڏِيندُمِ ڏيھايَنِ جُون.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 4 ]

اِيءُ نَہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِيئَن ڪِيريءَ ٽَنگِيين ڪِينِرو،
سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ،
توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱِڻو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 30 ]

ڪيچُ جيڏاھِين جيڏِيُون، آھيم آسَ اوڏاھِين،
بَندِيءَ جِي بازارِ ۾، شالَ مَ پَوي پانھِين،
ھاڙِھي وَڃِي ھوتَ ڏي، ٿيِندِيَس ڏاھِ ڏاھِي،
ڀيرُ سُڃاتُمِ پِرِينءَ جو، موٽان نَہ پانھِين،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويندِيَسِ اَتِ اَڳاھِين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 3 ]

عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ،
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]

لَڪَڙِيارِيُون آڱِريون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ،
اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهونءَ پيرُ،
ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 10 ]

جَنِ جُون اوطاقُون اَريجَ ۾، تَنِ جي وِھَ جو وَرَنُ ٻِئو،
جِنِ جي ڪَنڊي مان ڪَمُ ٿِئي، تَنِ جي ڦَڻِنِ ڀيرُ ٻِئو،
پُريَنِئُون پَڌِرو، تَنِ نانگَنِ جونِهو،
ڪِلي ويرَ ڪِھو، سَپَ کي سامُهُون ٿِئي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 14 ]

ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنِي پاتو پيرِيين،
جِئان مُنجَهڻُ ماڻُهين، سَڄَڻَ تِئائِين سَيرُ،
اِنَ ڀُونءِ سَندو ڀيرُ، ڪوڙيِين مَنجهان ڪو لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 5 ]

سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين،
جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ تَنھِن تُلُ تُنبَڙِي،
تارِئو جَنھِن توڏِيءَ کي، نَہ سو گَهنڊُ نَہ گَهنڊِڙِي،
ڏارِئو جَنھِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھِن تِکَڙِي،
نَہ سَري نَہ سِنڌُ ڪا، نَہ ڪا ھِندُ ھِھَڙِي،
ڪوڙيِين واڄَٽَ ڪيتِرا، لَکين لاءِ ھَڻَندَڙِي،
ساراھِيَلَ جَا سُبحانَ جِي، تَنھِن واکاڻَ ڪِھَڙِي،
سَھِسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،
وَنءُ اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
بيخُودِ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندِي جَنِ ٻُڌَڙِي،
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، مَحَبتَ وارَنِ مِٺَڙِي،
مِٺايان مِٺِي گهَڻو، چُوندا جَنِ چَکَڙِي،
گهانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ ماڻُهو موھِيندَڙِي،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُئا جِيارَڻَ جِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 1 ]

ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين،
آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو،
مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، نَہ مُون اُٺُ نَہ ناقو،
ھُوءَ جا پِڪَ پُنهونءَ جِي، چَٽِيان تَنھِن چُئاڪو،
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فاقو،
چَڙھِي نَہ سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونِهي ڏاڪو،
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وجِهندِيَسِ واڪو،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ ۾، لَکَ مَ پوءِ لِياڪو،
آرِيءَ جو آتَڻَ ۾، پُڇَندِيَسِ پاڻَ پَھاڪو.
[ سُر آبڙي، وايون، 17 ]
آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو،
مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، نَہ مُون اُٺُ نَہ ناقو،
ھُوءَ جا پِڪَ پُنهونءَ جِي، چَٽِيان تَنھِن چُئاڪو،
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فاقو،
چَڙھِي نَہ سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونِهي ڏاڪو،
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وجِهندِيَسِ واڪو،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ ۾، لَکَ مَ پوءِ لِياڪو،
آرِيءَ جو آتَڻَ ۾، پُڇَندِيَسِ پاڻَ پَھاڪو.
[ سُر آبڙي، وايون، 17 ]
English Meaning
No relation nor friendship, no identity nor knwoing.
ايرُ نَہ ڀيرُ ٻول جا زمرا