Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي جو بيت
جِتي ايرُ نَہ ڀيرُ، سا جُوءِ سُڃاتِي جوڳِيين،
اُتي ڏيئِي پيرُ، آسَڻَ آديسِيَنِ ڪِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن جوڳين جو جتي ڪنھن (بني بشر) جو اچڻ وڃڻ نہ آهي، جتي ڪا پھر ئي ڪانهي، اتي اچ وڃ آهي. (هو ان ڏيھ جا واقف آهن، جنھن جي باري ۾ ٻين کي ڪا خبر ڪانهي). هنن آديسين جو پنڌ ان طرف آهي ۽ اتي ئي هنن جا ماڳ مڪان ۽ تڪيا آهن.
[رومي اهڙن عارفن لاءِ چوي ٿو:
برتر اند از عرش کرسي و خلا،
ساکنان مقعد صدق خدا.
(دفتر اول، ب-3499)
معنيٰ: اهي عارف عرش، ڪرسي ۽ خلا (لامڪان) کان بہ مٿي آهن، اهي قرآني آيت جي مصداق ’سچائيءَ واري منزل‘ تي فائز آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2770
جِتٖيْ اٖيْرو نَڀٖيْرُ سَا جُوْءِ سُڃَاتِيْ جُوْکِي﮼﮶
اُتٖيْ ڎٖيْئِيْ پٖيْرَ آَسَنَ آَدٖيْسِيَنِ ڪِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जिते एरु न भेरु। सा जूए सुञाती जोगि॒यें।
उते डे॒ई पेरु। आसण आदेसियनि किआ।
ROMAN SINDHI
JiTh'ey ae'ar naa Bhe'ar, saa ju'a sajna'tey joG'ey,
Ut'tey de'eiy pair'r, aasan'n aade'sein ke'a.
TRANSLATIONS
ڍکر گئے کوچ جانبِ مشرق
ساری دنیا کو چھوڑ کر جوگی
ان کے دل نے جدھر اشارہ کیا
گامزن ہوگئے ادھر جوگی
جانے پھر اس طرف سے کب گزریں
ہائے یہ صاحب نظر جوگی
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي…
- (بيت) اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين…
- (بيت) اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اَمُلَ ڪِي…
- (بيت) اَڃا وِئَڙَمِ ڪالَهہ، مُون ليکِيندي…
- (بيت) اُتَرِ وِئا آھِين، ڪَڏِھِين اِيندا…
- (بيت) اِجهو آدَمُ آيو، ڪُلِهي تي…
- (بيت) اِيءُ ڏٺوئِي ڏوھُ، جِيئَن رامُ…
- (بيت) جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ،…
- (بيت) جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو،…
- (بيت) جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ،…
- (بيت) جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي…
- (بيت) سامِي چَئجي تَنھِن کي، جو…
- (بيت) سامِي چَئجي تَنھِن کي، جَنھِن…
- (بيت) سَناسِي سيئِي، جي آدَمان اَڳي…
- (بيت) سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو،…
- (بيت) عاقِي ٿِيءُ اُسِتادَ سين، پُٺِيرو…
- (بيت) مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا…
- (بيت) مَيِتُ موٽِي آيو، ڪَھِي ڪانڌِيَنِ…
- (بيت) ناٿُ ڏِٺائُون نانهِن ۾، سا…
- (بيت) وِلِهُون ويلا واءَ، سامِيَنِ سَٺا…
- (بيت) پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ…
- (بيت) کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي…
- (بيت) ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري،…
- (بيت) ڪيھِي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اِھَڙِيءَ…
- (بيت) ”لا“ لَنگهي لالُ لَکِئو جَنِ،…
