جُوءِ بابت
معنيٰ
جاءِ، هنڌ، ماڳ. زمين، ملڪ. مال جي چَرڻ جي جاءِ، سِيم، چراگاھُ، مخصوص ايراضي.
Place, station, the den or lay of a wild animal. Intensity of vision, taking good aim.
بيتن ۽ وائين ۾
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ، جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو ڏُونھِن گهَڻو نِھارِيان، سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ، ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جي، چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ، مَحَبتَ ۽ مَجازَ جي، باللہ پييَمِ بُوءِ،…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- اللهَ سَڀَ جِيَنِ، مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، ڪارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارا ڪِئو وِيَنِ، جُوءِ جَا جادارَنِ جي، اُتِ ٻيلا ٻَھَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ، ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ، جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ، سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ قَلبُ قَرارُ، وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ، نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون، ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ، پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، وَڃِي رُوبَرُوءِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فائِقَ ھَلِئا فِردَوسَ ڏي، فانِي ٿِئا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئا ھُوءِ، يا رَبَ ڏيکارِيين رُوءِ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي جِيءُ مَ جُوءِ، مُنڌَ مَرَڻان پوءِ، پَھچاندِينءَ پُنُوھَ کي.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- اللهَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي، پَسان مانَ پَرِ ڪَھِين، تَنِ جَتَنِ سَندِي جُوءِ، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي،…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي، اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ، ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ھئَي ھئَي ڪِئو ھاءِ، ٿِي پاڻُ ھَڻي سِرِ پاھَڻين، لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، جُوءِ جَتَنِ سَندِي جاءِ، شُڪُرُ بارَ سَداءِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچارِيءَ وائِي، جَتَنِ پانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻائِي، جِيئَري جُدائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪا مَ ٿِئي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي، ھُوندَ نَہ سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويھِي رَھِيَس وَڻِي، جَتَ پانھِنجِيءَ جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي،…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين جَتَنِ لَنگِهي جُوءِ، ھاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ اُوءِ اُٿِي…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان، زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ڪاتِيءَ تان نَہ ڪُٺو، مَنُ وِجهلَڻَ وَڍِئو، جَنِي ماءَ مُٺو، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ، صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبوحِ، ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- اَڄُ پُڻ اَنگِئَمِ اَنگَ، ھَٿان حَبِيبَنِ جي، ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ، راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- سِڄُ صُباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ، اَچي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگهِٽَ بُوءِ، سا ڏيکارِيُون جُوءِ، جِئان لاھُوتِي لالُ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي ويھُ مَ لاڳِ، تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- پيرين پُراڻا کيٿِڙا، سُڪا مُنھَن سَنڊَن، سا جُوءِ ڏوري آيا، سُونھان جِتِ مُنجهَنِ، ڳُجهان ڳُجِهيُون ڪَنِ، تِھان پَراھين پَنڌَ جُون.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ سُئِي نَہ ٻُڌِي، پاسا مَٿي پاھَڻين، کاھوڙِي کوڙِينِ، وِئا تِتِ ووڙِينِ، جِتِ نِھايَتَ ناھِ ڪا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- جَنِي پيئِي بُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڏوري سائِي جُوءِ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- چوڏَھين ڏِينھِن چَلِي وِئا، جوڳِي مَٿي جُوءِ، اُتي آديسِيَنِ جِي، لَڳي سَينَ صُبُوحِ، راوَلَ اِنَهِين رُوءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي جُوءِ، اوڏو ٿِئو الَکَ کي، وَڃِي رُوبَروءِ، بابُو چَکِي بُوءِ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِئائُون بُوءِ، وِئا نيرانا نِڪِرِي، جوڳِي مَنجهان جُوءِ، اَوَسَرِ آسا اُوءِ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- جِتي ايرُ نَہ ڀيرُ، سا جُوءِ سُڃاتِي جوڳِيين، اُتي ڏيئِي پيرُ، آسَڻَ آديسِيَنِ ڪِئا.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- جِيمَئُون جوڳِيَڙَنِ جِي، جانِ نِھارِيَمِ جُوءِ، عَقُلُ اُتِ اوڄُون ٿِئو، ھُو ھَلِئا مَٿي ھُوءِ، مُون کي اِنَ مَذڪُورَ جِي، بانسَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، نيڻَ تيڏاھِين نِتُ، آيَلِ آديسِيَنِ کي، ڏي چاڙِھيڪا چِتُ، سامِيَنِ جو سَنگَتُ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جُوءِ جيڏھِين جوڳِيين، نِتُ تيڏاھِين نيڻَ، آيَلِ آديسِيَنِ جا، وِرھُ ٿِئَمِ ويڻَ، ڪَري سَناسِي سيڻَ، ھِينئَڙي حالُ پِرايو.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن اَکڙِيُون، سَڳا سيلا سِڱِيُون، تَنِ سين تُنبَڙِيُون، مُون کي جَنِي مارِئو، اُنِ تي اڳَڙِيُون، اِيندا…[ سُر پورب - جوڳي ]
- اچِي رَھِئا ريلَ ۾، لَڪَڙِيُون کوڙي، وِئَڙا اُکوڙي، جُوءِ نَہ وَڻِي جوڳيين.[ سُر پورب - جوڳي ]
- دُونھِيين ڌُنڌَ نَہ لاٽَ، نَہ سي جوڳِي جُوءِ ۾، وِئا ويراڳِي نِڪِري، چِتِ جَنِي سين چاٽَ، گَهڻا نِھارِيَمِ گهاٽَ، تَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، وِئا نَہ ويراڳِي، جِندا تو جاڳِي، نانگا ڪِينَ نِھارِئا.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ نِھارِيندَڙُ ناھِ، جٖي مَھيسِي مَنَ ماھِ، سي ٿاڻي ٿورا ڪاپَڙِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ، لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، ڏِٺا ڏوھَ اَکِيُنِ سين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، جهوڪُنِ سُونھَنِ پَھِيڙا، سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- وَڃَنِ سيڻَ سِڌارئو، پَسِئو جُوءِ جِهڄي ھِنيُون، حَيفُ مُنھِنجي حالَ کي، وَڃَڻُ مُون وِسارِئو، ڪاڇي ٻِنهِين ڪَنڌِيين، نيڻَنِ ٿي جَرُ…[ سُر ڏھر - وايون ]
- پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ، جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ، اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ٻَڌا ٻاڪارِينِ، ڇيلا ڪَنھِن نَہ ڇوڙِئا، ڪَرِئو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، اُڀا اوڳارِينِ، سانبِيَڙا سارِينِ، جُوءِ چِنائُون جَنِ سين.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ، پَسِي راڻِينِ رُوءِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]