اَدَبَ جي سنڌي معنيٰ
خُلق، فضيلت. تھذيب، شايستگي. عزت، مان. مرؤت، وڏن جو لحاظ. فھمايش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Respect, politeness.
اَدَبَ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَئُہ، چُوندَلَنِ چَيو وِسارِ،
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
پائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
اَٺَئِي پَھَرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھائِي پارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھار، تَہ قاضِيءَ ڪاڻِيارو نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 26 ]
تَنَ ۾ طَراَزَ توھَ جِي، گهَڻو لَهُہ گهوري،
اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، ٻَڌِجِ سِڙَه سوري،
وَکَرُ وينَتِيُن جو، تَنھِن ۾ پاءِ توري،
تَہ عَدَنِؤُن اوري، تُنھِنجو تَوائي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 15 ]
اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، ٻَڌِجِ سِڙَه سوري،
وَکَرُ وينَتِيُن جو، تَنھِن ۾ پاءِ توري،
تَہ عَدَنِؤُن اوري، تُنھِنجو تَوائي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 15 ]
ھُيَسِ جي سِياءُ، تَہ ڪِئَمِ ڏُکَ ڏيرَنِ تي،
اَدَبَ وِچان اُنِ سين، ڳالِهہ نَہ ڪِئَمِ ڪا،
ذاتِ مُنھِنجِي ماءُ، ڪچو ٿِي ڪيچِيَنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 12 ]
اَدَبَ وِچان اُنِ سين، ڳالِهہ نَہ ڪِئَمِ ڪا،
ذاتِ مُنھِنجِي ماءُ، ڪچو ٿِي ڪيچِيَنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 12 ]
نازَ مَنجهاران نِڪِرِي، پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
ڀُون پُڻ بِسۡمِ اللهِ چَيو، راھَ چُمي ٿِي رَندُ،
اُڀيَنِ گهَڻو اَدَبَ ۾، وَٺِئو حُورُون ھَنڌُ،
سائِينءَ جو سوڳَندُ، ساجَنُ سَڀَنِئان سُهِڻو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 11 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ،
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]
نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي لاءِ،
جِندا تِيئَن جاڳاءِ، جِيئَن سا آتِش آبُ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 18 ]
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي لاءِ،
جِندا تِيئَن جاڳاءِ، جِيئَن سا آتِش آبُ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 18 ]
ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ،
اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ،
جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 22 ]
اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ،
جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 22 ]
گُرَ جَا ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون گهَڻو سُونھاءِ،
نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 27 ]
نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 27 ]
گُرَ جَا ڏِني گودَڙِي، مَٿي مُون مَرَڪُ،
چيلا ھَڻِي چَرَخُ، اوڍي ويھُ اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 28 ]
چيلا ھَڻِي چَرَخُ، اوڍي ويھُ اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 28 ]
English Meaning
Respect, politeness.