اَڳُ جي سنڌي معنيٰ
اول، پھريون، اڳيون. سامهون هن کان اڳ. اَڳيان، اَڳي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Firstly, in front, in old times.
اَڳُ جا بيتن ۾ حوالا
ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين،
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]
مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ،
جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 10 ]
ڏَکا ڏُونگَرَ لاھِ، اَڳُ مُئِي سَسُئِي،
آرِياڻِيءَ سين آھِ، ذاتِي سَڱُ ضَعِيفِ جو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 16 ]
آرِياڻِيءَ سين آھِ، ذاتِي سَڱُ ضَعِيفِ جو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 16 ]
نَڪو ڏوھُ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنهون پَنگُ،
ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ،
تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 15 ]
ايرادي اللهَ جي، اَڳُ وَھايو اَنگُ،
تيلاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 15 ]
چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو،
مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 8 ]
مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 8 ]
چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪا جَا اَڳُ ھُئِي،
مَڻيي سَندِي ڳالِهڙِي، تِھان پوءِ ٿِي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 9 ]
مَڻيي سَندِي ڳالِهڙِي، تِھان پوءِ ٿِي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 9 ]
سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو مُون،
لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون،
اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 28 ]
لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون،
اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 28 ]
جيڪي چَئِين ٿِي ھيرَ، تَنھِنجِي اَٺِين پَتِي جي اَڳُ چَيَئِي،
تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ،
جِھَڙا کَنيَئِي پيرَ، تِھَڙا موٽِي آيَئِي مُنھَن ۾.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 11 ]
تَہ خُونَ سَڀَيئِي بَخشِيانءِ، مَنَ ۾ آڻي مَهيرَ،
جِھَڙا کَنيَئِي پيرَ، تِھَڙا موٽِي آيَئِي مُنھَن ۾.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 11 ]
مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
مارِيَسِ اِنَ مامِري، يادِ نَہ ڪِئو جيڏِنِ،
ڪَرَ نَہ لَڌي ڪَڏِهِين، مُنھِنجي ماڙيچِنِ،
وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 7 ]
مارِيَسِ اِنَ مامِري، يادِ نَہ ڪِئو جيڏِنِ،
ڪَرَ نَہ لَڌي ڪَڏِهِين، مُنھِنجي ماڙيچِنِ،
وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 7 ]
مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، مِينھَن ڪُڄاڙو ڪَنِ،
اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، ساجُهرِ ساهيڙِنِ،
وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 8 ]
اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، ساجُهرِ ساهيڙِنِ،
وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 8 ]
ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ،
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
English Meaning
Firstly, in front, in old times.