اُو جي سنڌي معنيٰ
هو ، اُهو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
This, it
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اُو جا بيتن ۾ حوالا
اُو اَبَڙو ئِي اَڀَڳُ، اُو ڏُونگَرُ ئِي ڏيھُ ٻِئو،
ھِيءُ جُوڻِيجاڻُون جُنگُ، جو سَرَڻِنِ سوٺا نَہ سَھي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 18 ]
ھِيءُ جُوڻِيجاڻُون جُنگُ، جو سَرَڻِنِ سوٺا نَہ سَھي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 18 ]
اورِ ڏُکندو اُو ٿِئي، ھادِي جَنھِن حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
تِرُ تَفاوَتُ نَہ ڪَري، تَنھِن کي ڪو طَبِيبُ،
رَھنُما رَقِيبُ، ساٿَر آھي سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 4 ]
گهَٽَنِ ۽ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيُون پِيَنِ وِھَ سِرِ گاڏُيُون،
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين،
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُونھاري سَنڱ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 10 ]
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونھِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُونھاري سَنڱ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 10 ]
اُو ڪَمتَرِ ڏِسجَنِ ڪَٿھِين، جي پُنهونءَ پِيارِيُون،
اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون.
ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ جو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 26 ]
اَڳِئان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زارِيُون.
ڏِنگِيُون جٖي ڏارِيُون، آرِي عاجِزُ اُنِ جو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 26 ]
بُرو بِگيرَدِ بي رَوان، شَنگِ رَوان شيزاَ،
ٿِي جاڳائي جَتَڙو، ويئِي ھنيين دِلِ دَروغا،
ٿَو بَٿَغي اُو ربِتَغان، لالَ مَنجهان لوغا،
ناحَقُ سي نوزان، ڏِينِ پارانڀا پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 6 ]
ٿِي جاڳائي جَتَڙو، ويئِي ھنيين دِلِ دَروغا،
ٿَو بَٿَغي اُو ربِتَغان، لالَ مَنجهان لوغا،
ناحَقُ سي نوزان، ڏِينِ پارانڀا پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 6 ]
آڌِيءَ اُو اُٿِي وِئا، ڪَرُ رَکِئائُون ڪيچَ،
ٻاروچاڻي پيچَ، مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 13 ]
ٻاروچاڻي پيچَ، مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 13 ]
آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا،
پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي،
ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، ڳُجهو ڳالَهائي،
ڪالَهہ سَناسِي سِڱِيُون، وِئَڙا وَڄائي،
اِيندا آديسِي وَرِي، دُونھِيُون ڌَڳائي،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ھِيءُ سَڱُ ساڱاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اُو اِھَڙو ئِي آھي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 5 ]

روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ وَڏو ڪَمُ،
اُو ڪو ٻِئو فَھَمُ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 21 ]
اُو ڪو ٻِئو فَھَمُ، جَنھِن مان پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 21 ]
جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي پِيھَ پَئِي،
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
ڪَڻا جي ڪُمِرِ ۾، سي وَڃَنِ ڪِينَ وَھِي،
اُو ثابِتُ ھُونِ صَحِي، جي قائِمُ داڻا ڪِيرَ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 30 ]
English Meaning
This, it