تيلاھَ جي سنڌي معنيٰ
تنھن لاءِ، تنھن صورت ۾، تيئن تہ، تيئن ئي، تنھن کان. تنھن مان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Thats why, because of that, for that.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
تيلاھَ جا بيتن ۾ حوالا
مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان.
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 4 ]

سُتِيئَن سَوارِي، مُنھُن ويڙھي مُينُ جِيئَن،
ڏِٺَئِي نَہ ڏيرَنِ جا، چَوڌارِي چارِي،
تيلاھَ ويچارِي، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 13 ]
ڏِٺَئِي نَہ ڏيرَنِ جا، چَوڌارِي چارِي،
تيلاھَ ويچارِي، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 13 ]
مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ ڍَڪِئو،
پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ،
تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 7 ]
پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ،
تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 7 ]
ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ،
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]
ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا،
راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا،
جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 5 ]
راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا،
جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 5 ]
جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي ٿِئا فِي اللہِ ۾،
نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ،
جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ رَسِئا بُودَ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 25 ]
نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ،
جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ رَسِئا بُودَ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 25 ]
English Meaning
Thats why, because of that, for that.