جِيئَن جي سنڌي معنيٰ
جھڙيءَ طرح، جنھن ريت، جھڙي نموني. بلڪل ائين...
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In any way, somehow
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
جِيئَن جا بيتن ۾ حوالا
صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن رڳُنِ ۾ ساھُ،
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]

جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ،
ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ،
اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ نَہ اَچي تَنِ،
سَڄَڻَ سوني ھارَ جِيئَن، وَرھين نَہ وِلٽَنِ،
پَڪا پِرِين ڪِجَنِ، ڪَچَنِ مان ڪِينَ ٿِيي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 8 ]

جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو،
ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي،
سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن ٻوڙي،
گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچِرا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 1 ]

آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن تِيئَن ڏِٺو ڏوھُ،
رَھِڻِيءَ رَھِيو نَہ سُپِرِين، ڪَھِڻِيءَ ڪِبو ڪوھُ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 16 ]

ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن،
چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،
تَنھِن سُورِھَہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿئي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 2 ]

مَتان مُٺِي ڇَڏِيين پِريَتڻُون پاڻان،
ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 21 ]

اَڳي اِيئَن ھُياسِ، جِيئَن پُنهونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا،
ھاڻي اِيئَن ٿِياسِ، جِيئَن جَتَ نَہ نِينمِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 16 ]

جِيئَن جِيئَن ڀِڄي راتِ، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾،
ڀورِيءَ ٻِي نَہ تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 20 ]

جِيئَن جِيئَن تَپي ڏِينھُن، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾،
ڪو اَڳانجهو نِينھُن، ٻانِهيءَ ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 21 ]