جِيئَڻَ جي سنڌي معنيٰ
جيئرو رهڻ، حيات رهڻ، زندگي بسر ڪرڻ، زندہ رھڻ. ساھ کڻڻ، تڳڻ. گذارڻ حياتي، پساھ کڻندو رھڻ، قائم رھڻ، سلامت رھڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To live, to survive, living life
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
جِيئَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ،
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پاکَرَ جَو پائي،
اَڃا اُنَ کي جِيئَڻَ جو، آسانگو آھي،
سُورِھُ سوچائي، جَو رُڳو ئِي رِڻِ گهِڙي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 7 ]
اَڃا اُنَ کي جِيئَڻَ جو، آسانگو آھي،
سُورِھُ سوچائي، جَو رُڳو ئِي رِڻِ گهِڙي.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 7 ]
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا،
ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 8 ]
ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 8 ]
مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي آءُ مَ ڪانڌَ،
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 15 ]
ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 3 ]
تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين، جِيئَڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻَ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 8 ]
مَرَڻَ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 8 ]
اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي جَبَلُ،
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 9 ]
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 9 ]
مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي،
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رءَ لُهارَ،
لَڳِي آھي نَہ لَھي سَندِي پِيَ پَچارَ،
کُوءِ سي جِيئَڻَ ڏِينھَڙا، جي نِي پِرِينَئُون ڌارَ،
ڪانگَنِ قَطارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، سَنجهي ٿِئَڙا سُوارَ،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،
جيڪي اورَڻُ پِرِينءَ سين، جيڪي پِرِينءَ پَچارَ،
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيُون ساڻُ قَطارَ،
آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ.
[ سُر ديسي، وايون، 10 ]

ڏُکُ لَڳو ڏُونگَرُ ٻَرِئو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون،
مَنان لاٿو مُون، سَندو جِيئَڻَ آسِرو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 25 ]
مَنان لاٿو مُون، سَندو جِيئَڻَ آسِرو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 25 ]
English Meaning
To live, to survive, living life