مَرَڻَ جي سنڌي معنيٰ
وفات ڪرڻ، ديھانت ڪرڻ، ڊھڻ، رضا ڪرڻ، ھلاڪ ٿيڻ، لاڌاڻو ڪرڻ، مري وڃڻ، فور ٿيڻ، پران تياڳڻ، جان ڏيڻ، ساھ ڇڏڻ، دم نڪرڻ، دم ڏيڻ، گذاري وڃڻ، انتقال ڪرڻ، پساھ ڇڏڻ، بيحد چاھڻ، عشق ڪرڻ، شوق رکڻ، جان جوکي ۾ وجهڻ، پاھ ٿيڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To die, pass away, expire
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
مَرَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن،
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]
اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ،
جٖي تو اوڏا ڀانيا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وائِي جا وَھي، مُون کي سا نَہ سَلَنِ،
سُونھَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَھَن مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻَ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھِيءُ پَھُ ٻاروچَنِ.
[ سُر آبڙي، وايون، 9 ]

ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ،
موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ پُڄَندِينءَ تَنِ،
ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ، مَرَڻَ مُنھِنجي لاءِ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 22 ]
جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ،
موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ پُڄَندِينءَ تَنِ،
ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ، مَرَڻَ مُنھِنجي لاءِ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 22 ]
تو سَڱُ ساھَ کَڻڻَ سين، جِيئَڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻَ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 8 ]
مَرَڻَ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 8 ]
اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي جَبَلُ،
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 9 ]
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 9 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]