راتِيان جي سنڌي معنيٰ
راتين جو، رات ۾ (سرائڪي لھجي ۾ رات جو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In the night, in deep night
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
راتِيان جا بيتن ۾ حوالا
مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا،
راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُون کي مَرضَ مارِئو، صاحِبَ ھَٿِ سَگهائِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 13 ]

عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]

ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا،
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 8 ]

جَڏَھانڪَرَ جانِي، سَڄَڻُ سانگِ سِڌارِئو،
راتِيان راحَتَ ناھِ ڪا، ڏِينھان حَيرانِي،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ تان، ٿِيان ڪوڙيِين قُربانِي،
ھِيءَ رَضا رَبانِي، نَہ تَہ ڪَرِيان وَسُ وِصالَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 1 ]

حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي آھِيان،
ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ،
ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 19 ]

ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو،
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]

راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، ٿِي لوچان لالَڻَ لاءِ،
سِڪَ پِريان جِي سَيِّدُ چئَي، اَندَرِ مُون نَہ ماءِ،
ڪَڏِھِين قاتلان ڪَوڙا پِرِين، ڪَڏِھِين مِٺا ماکيءَ ساءِ،
ڪَڏِھِين مُڙَنِ ميڻَ جِيئَن، ڪَڏِھِين لوھَ پِہ ناھي جاءِ،
ڪَڏِھِين کَڻِنَ عَينَ اِحسانَ جا، ڪَڏِھِين ڪَھَلَ نَہ پَوينِ ڪا،
ڪَڏِھِين پِرِين پَٽائِين ڪُنئَرا، ڪَڏِھِين ڏاڍا ڏُونگَرَ کان،
عَجَبَ جِھَڙِي آھِ، صُحبَتَ سُپرِيَنِ جِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 23 ]

ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾،
راتِيان رُڃ رَھَنِ، ڏِينھان ڏورَڻُ ڏُونگَرين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 11 ]

نانگو نَنگا نِڱِئو، تَنھِن نانگي نَنگُ نَڪو،
نَہ ڪا ڇوٽِي ڪَڇَ ۾، نَڪِي ڌوتِئو ڌوءِ،
راتِيان ڏِينھان روءِ، ڳالِهہ پَروڙِئو ڳُجَهہ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 28 ]

راتِيان رُڻ جُهڻ رامَ سين، ڏِينھان ڪَنِ سَنانُ،
جوڳِي سي اَنانُ، وَٿُون جَنِ وِرائِيُون.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 12 ]