ساھِ جي سنڌي معنيٰ
ساھ پساھَ سان، دَمَ سان، جيءَ سان، جان سان. (پراڻ، زندگي، عمر، حياتي، جِيوَن، جِياپو، ساس، چُوڻا، ارجا. نبض جي دَڪ دَڪ. جيوتي، گذران. دم ڪشي، دَمُ ، اُڀو ساھُ. کَن. پلَڪ، گهڙي، سيڪنڊ.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
With breaths, respiration, life, asthma
ساھِ جا بيتن ۾ حوالا
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ پَساھَ،
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
سانڍِ پَنھِنجِي ساھِ، نَہ تَہ ٻانھِين ٿِي ٻُرا ڪَرِيان،
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]
واڳِيُون جٖي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُھاءِ،
تيلاھِين طَعنا ڏيِين، جٖي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ ماءِ،
آرِيءَ جي آڪاھِ، رُلايَسِ روھَنِ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 3 ]
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
English Meaning
With breaths, respiration, life, asthma