مارُو جي سنڌي معنيٰ
مال چاريندڙ، مالدار. جهنگ جو رهاڪو، مسڪين، غريب، نادارُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shepherd, herdsman, relative of Marui of Malir. Poor people.
مارُو جا بيتن ۾ حوالا
ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو،
اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ،
ميرا ئِي مارِينِ مُون، تان جي پَکَرِجَنِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 7 ]
اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ،
ميرا ئِي مارِينِ مُون، تان جي پَکَرِجَنِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 7 ]
جيڪُسِ جيلاھِين، مارُو ناھِ مَلِيرَ ۾،
مُنھِنجِي تيلاھِين، اَچِئو ڪَرَ ڪونَہ لَھي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 4 ]
مُنھِنجِي تيلاھِين، اَچِئو ڪَرَ ڪونَہ لَھي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 4 ]
نَنگا آھِيُون نِکَتا، اَسِين مارُو لوڪَ،
ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 8 ]
ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪَ، جَا ڍَڪَ ڍاٽِيَڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 8 ]
مارُو ماڳِ نَہ ھيڪَڙي، اوڏا نَہ ڳوٺانِ،
جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ،
جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ تَہ وِچان وَڏو وِچُ پِئو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 11 ]
جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ،
جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ تَہ وِچان وَڏو وِچُ پِئو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 11 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ،
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]
اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ،
ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ ڪَرِين ٿو سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 22 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ،
پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ،
ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 23 ]
پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ،
ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 23 ]
ڪَھِيائين سين ڪُن، فَيَڪُونُ فِدا ڪَري،
تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَيرِئائِين ڀُون،
مارُو تِئائِين مُون، ڀينَرُ ڀاڱي آيو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 3 ]
تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَيرِئائِين ڀُون،
مارُو تِئائِين مُون، ڀينَرُ ڀاڱي آيو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 3 ]
قَيدُ الماءِ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو،
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]
جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، وَھِي قَلَمُ وِئو،
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِيئَن ٿَرِ مارُو آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 11 ]
پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]
اَنگَڙِيارو ڪَنجِرو، لوئِي سين لِيڙُنِ،
ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ،
مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 19 ]
ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ،
مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 19 ]
English Meaning
Shepherd, herdsman, relative of Marui of Malir. Poor people.