مُحَرَمُ جي سنڌي معنيٰ
ھجري سال جو پھريون مھينو. ھجري سال جي شروعات وارو مھينو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The first of Muslims months.
مُحَرَمُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 1 ]
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 1 ]
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو،
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
آيو مُحَرَمُ ماهُ، عِزَتَ ٿِي اَمِيرَنِ کي،
توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 3 ]
توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 3 ]
مُحَرَمُ موٽِي آيو، آيا تانۡ نَہ اِمامَ،
مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 4 ]
مَدِيني جا ڄامَ، مَولا مُون کي ميڙِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 4 ]
مُحَرَمُ موٽِي آيو، موٽِيا تان نَہ اَمِيرَ،
مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 5 ]
مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 5 ]
اَدِيُون آرِيچَنِ ڏي، ڇَپَرِ ويندِيَسِ ڇو نَہ،
مُحَرَمُ مُنھِنجي حالَ جو، بِنان ڪيچيَنِ ڪو نَہ،
جيڏِيُون ڙِي جيڏونِ، سُورُ پِرايُمِ سَڱ مان.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 7 ]
مُحَرَمُ مُنھِنجي حالَ جو، بِنان ڪيچيَنِ ڪو نَہ،
جيڏِيُون ڙِي جيڏونِ، سُورُ پِرايُمِ سَڱ مان.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 7 ]
English Meaning
The first of Muslims months.