مُقابِل جي سنڌي معنيٰ
سامهون، روبرو، آمهون سامهون، دُوبدُو، مُنھن اڳيان. حريف، دشمن، مخالف، ويرِي. برابر، مُساوي، مانند، مُٽُ، جوڙُ، شريڪ، ثاني، نظير، مثل، مُوافق، جِيسُ، جھڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comparing, matching, in front (of), in comparison (with), face to face, in opposition (to), opposite, converse, confronting, opposing.
مُقابِل جا بيتن ۾ حوالا
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا پاڻَ پيھِي،
پَھُ ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُقابِل ويھِي،
قَضا ھِيءَ ڪيھِي، ھئَي ھئَي ٿِي حُسينَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 7 ]
پَھُ ڪِيائُون پاڻَ ۾، مُقابِل ويھِي،
قَضا ھِيءَ ڪيھِي، ھئَي ھئَي ٿِي حُسينَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 7 ]
ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جي،
اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،
ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ جو ھَلَڻُ ھوتَ ڏي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 10 ]
اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،
ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ جو ھَلَڻُ ھوتَ ڏي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 10 ]
ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ ويھِي ڀانَ،
راجا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ،
آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، مُقابِل مَيدانَ،
گهورِيا لَکَ لَطِيفُ چئَي، تُنھِنجي قَدَمَ تان قُربانُ،
مَٿو ھِيءُ مَھمانَ، ھَلِي چَئُہ تَہ ھُتِ ڏِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 13 ]

ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، ڪِي جَنگيلِيءَ چِيھَ،
اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ،
جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل تو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 3 ]
اونائِي عَلِيلَ جِي، مَٿي راجا رِيھَ،
جي سِرَ ھُونِمِ وِيھَ، تَہ تَندُ مُقابِل تو ڏِيان.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 3 ]
صُورَتَ سوجِهہ مَ تَنھِنجِي، تُون پِيَ پُڇين جو،
سُخُنُ آھي سو، مُنھَن مُقابِل نَہ ٿِيي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 12 ]
سُخُنُ آھي سو، مُنھَن مُقابِل نَہ ٿِيي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 12 ]
جيڪَرَ ڪِينَ جِيئان، اِنَ جاڙَ مُقابِل جيڏِيُون،
ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان،
ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 10 ]
ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان،
ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 10 ]
چيتارِئو چُوندِياسِ، ڳالِهيُون کي سَڄَڻين،
جُھ مُقابِل ٿِياسِ، تَہ سَڀَ وَڃَنِمِ وِسَريِ.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 25 ]
جُھ مُقابِل ٿِياسِ، تَہ سَڀَ وَڃَنِمِ وِسَريِ.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 25 ]
اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهرانِ،
مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ،
وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،
ڳَرا مَنجِهہ ڳُڻانِ، پِرِين وِجهان پيٽَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 22 ]